طالبان جي فتح، افغان حڪومت ۽ فوج جون ڪمزوريون

ليکڪ    جوناٿن بيل بي بي سي

ھلندڙ ھفتي آمريڪي انٽيليجنس جي ھڪ رپورٽ ۾ اندازو لڳايو ويو تہ ڪابل ايندڙ ڪجھ ھفتن اندر جنگجوئن جي حملي جو نشانو ۽ ڪابل حڪومت 90 ڏينھن جي اندر ختم ٿي سگهي ٿي. تہ پوءِ ھي سڀ ايترو جلدي  ڪئين ممڪن ٿيو؟ آمريڪا، برطانيہ ۽ نيٽو اتحاد 20 سالن تائين افغان سڪيورٽي فورسز کي تربيت ۽ جنگي سامان ڏنو. ماضي ۾ ڪيترن ئي آمريڪي ۽ برطانوي جنرلن طاقتور ۽ باصلاحيت افغان فوج تيار ڪرڻ جا اعلان ڪيا، پر اڄ اھي سڀ وعدا ڪوڙا نظر اچن ٿا. افغان حڪومت وٽ فورس جي نوڪري لاءِ ماڻھن جي ڪابہ گهٽتائي نہ رھي، ان لحاظ کان تہ افغان حڪومت کي غلبو حاصل ڪرڻ گهرجي ھا، بدقسمتي سان افغان سڪيورٽي فورسز، افغاني فوج، ھوائي فوج ۽ پوليس ۾ 3 لکن کان وڌيڪ ڪاغذي طور ڪوڙي فورس شامل آھي. افغان فوج تي آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن تمام گهڻو خرچ ڪيو ان جي باوجود ھي طالبان سان مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا. حقتقت ۾ ھي ملڪ ھميشہ فورسز جي ڀرتي وارو تعداد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ئي رھيو آھي. افغان فوج ۽ پوليس ۾ تمام گهڻو جاني نقصان،ھٿيار ڦٽا ڪرڻ، رشوت عام آھي، گهڻا ئي بدعنواڻ ڪمانڊر اھڙين سپاھن جي بہ پگهار کڻن ٿا جيڪي ڪڏھن فورس ۾ ڀرتي ئي ناھن ٿيا. آمريڪي ڪانگريس پنھنجي تازيءَ رپورٽ  ”افغانستان ۾ ڪرپشن جا تباھ ڪن اثراٽ ۽ فوج جي حقيقي تعداد“ جي باري ۾ معلومات تي سنگين خدشن جو اظھار ڪيو آھي. رائل يوناٽئڊ سروس انسٽيٽوٽ سان لاڳاپيل جيڪ واٽلنگ چوي ٿو خود افغان فوج کي حقيقي طور معلوم ناھي تہ انھن وٽ ڪيترا سپاھي آھن. ھو وڌيڪ چوي ٿو ٿہ ان کان علاوہ سامان جي سار سنڀال مورال برقرار رکڻ جا مسعلا پڻ آھن. سپاھين کي اڪثر اھڙين جڳھن تي موڪليو وڃي ٿو جتي انھن جا نہ ئي قبائلي ۽ نہ وري خانداني تعلقات ھجن ٿا. ھي بہ ھڪ سبب ٿي سگهي ٿو جو فوجي بغير وڙھڻ جي ھٿيار ڦٽا ڪري ٿو، ان کا بہ مشڪل ڪم طالبان جي طاقت جو اندازو ڪرڻ آھي. آمريڪا جي ڪومبيٽنگ ٽيررزم سينٽر ويسٽ پائنٽ جي مطابق طالبان وٽ 60 ھزار جنگجو موجود آھن، جيڪڏھن ان ۾ ٻيا عسڪري پسند گروپ ۽ ان جا مددگار شامل ڪجن تہ ھي تعداد 2 لکن کان بہ وڌي ويندو. پشتو زبان ڳالائيندڙ ريٽائر برطانوي فوجي سربراھ ڊاڪٽر مائيڪ مارٽن پنھنجي ڪتاب ”اين انٽيميٽ وار“ ۾ طالبان کي ھڪ گروھ طور سمجهڻ جي خطرن کان خبردار ڪيو ان جي بجاءِ ھن جو موقف آھي تہ طالبان ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل آزاد گروھن جو ھڪ اتحاد آھي ۽ ٿي ٿو سگهي ھي ھڪ ٿوري عرصي جي لاءِ اتحاد ھجي. ھن جي مطابق افغان حڪومت مقامي گروھن جي پسند ناپنسد جو شڪار رھي. افغانستان جي تبديل ٿيندڙ تاريخ مان اھو واضع  ٿئي ٿو تہ ڪئين خاندان،قبيلا ۽ ايتري تائين جو حڪومتي عھديدار بہ پنھنجي بقا جي خاطر وفاداريون بدلائيندا رھن ٿا. افغان حڪومت وٽ فنڊنگ ۽ ھٿيارن جي حوالي سان برتري، افغان حڪومت کي سپاھين جي پگهار ۽ سازو سامان لاءِ اربي ڊالر ڏنا ويا، جن ۾ گهڻي فنڊنگن آمريڪا ڪئي. جولائي 2021 جي رپورٽ ۾ اسپيشل انسپيڪٽر براءِ افغانستان چيو آھي،ھن مھل تائين افغانستان جي سلامتي لاءِ 88 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويا.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويوآھي تہ ڇا اھا رقم صحيح طرح سان خرچ ٿئي؟ ان جو جواب جنگ جي نتيجي مان ڏسي سگهجي ٿو. افغان ايئرفورس کي ھن جنگ دوران پنھنجي حڪومت کي فتح سان ھمڪنار ڪرڻ ھو، پر ھي پنھنجي 211 جنگي جھازن جي سارسنڀال ۽ ان جي عملي جي ٺڪاءَ لاءِ مشڪلاتن جو شڪار رھي. طالبان طرفان خاص طور تي پائليٽس کي نشاني تي رکڻ کان پوءِ وڌيڪ مشڪلن جي ور چڙھي وئي. افعان ھوائي فوج ميدانِ جنگ ۾ پنھنجي ڪمانڊرز جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. تازو ئي طالبان جي حملي ھيٺ شھر لشڪرگاھ تي آمريڪي ھوائي فوج  ڪاروائي ۾ حصو ورتو. اھو اڃا بہ غيرواضع آھي تہ آخر آمريڪا ڪيسيتائين افغان فورسز جي مدد ڪندو. ھاڻوڪي جنگي ڪاروائي دوران ھزارين افغاني ڪابل ۾ عارضي پناھگاھن ۾ رھڻ تي مجبورٿيا آھن. ھن جنگ دوران طالبان گهڻو ڪري منشيات تي ملندڙ ٽئڪس تي دارومدار رکيو پر اندروني طور ملڪ کان ٻاھريان بہ ھنن کي مدد ملي رھي آھي. تازو ئي طالبان افغان سڪيورٽي فورسز کان ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو آھي، جنھن ۾ھموي بڪتربند گاڏيون، رات ۾ ڏسڻ واريون عينڪون، مارٽر گولا ۽ توپون شامل آھن. افغانستان ۾ پھريان ئي سوويت جنگ کان پوءِ اسلحي جي تمام گهڻي کيپ موجود ھئي ۽ طالبان اھو پڻ ڏيکاريون تہ پراڻي اسحلي جي ذريعي ھڪ جديد فوج کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. بين بيري اڳوڻون بريگيڊيئر آھي ھاڻي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو سينئر فيلو آھي، ھو تسليم ڪري ٿو تہ طالبان کي موقع پرستن مان فائدو حاصل ٿيو. بيري چوي ٿو ميدانِ جنگ ۾ ڪاميابين مٿان ڪاميابيءَ طالبان جي مورال ۾ واڌاءُ ڪيو ۽ انھن ۾ ٻڌيءَ جو عنصر پيدا ٿيو. ان کان علاواہ افغان حڪومت بہ ھر حوالي سان پوئتي نظر آئي. جنھن جي ڪري طالبان کي ڪابل تي فتح حاصل ٿي.(هي آرٽيڪل جوناٿن بيل بي بي سي لاءِ لکيو جيڪو سنڌيار لاءِ جاويد سولنگي ترجمو ڪيو)Jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو