قطري ڪوشش، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ عارضي جنگبندي تي اتفاق

قطري ڪوشش، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ عارضي جنگبندي تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان افغان طالبان جي درخواست تي جنگ بندي جو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،پرڏيهي وزارت موجب، افغان طالبان حڪومت جنگ بندي جي درخواست ڪئي، پرڏيهي وزارت موجب، افغان طالبان جي درخواست تي اڄ شام 6 وڳي کان ايندڙ 48 ڪلاڪن لاءِ عارضي جنگ بندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته تعميري ٻطرفي ڳالهين ذريعي مسئلي جو مثبت حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ذريعن موجب، افغانستان لاءِ پاڪستان جو خاص نمائندو محمد صادق ۽ ممڪن طور تي افغان پرڏيهي وزير افغانستان جي طرفان ڳالهيون ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته عارضي جنگبندي قطر جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن بعد عمل ۾ آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو