صوڀوديرو جو عوام سٺي علاج لاءِ به سِڪڻ لڳو

صوڀوديرو (مظھر علي منڱڻيجو) صوڀوديرو تعلقي جون سرڪاري اسپتالون خانگي اداري حوالي ٿيڻ باوجود مريضن لاءِ بي لاڀ بڻيل آهن. ان سلسلي ۾ ”سنڌيار“ پاران ڪيل سروي جي نتيجي ۾ تعلقي هيڊڪوارٽر توڙي آسپاس جي ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ قائم اسپتالون ۽ ڳوٺاڻن صحت مرڪزن جي صورتحال غيراطمينان بخش نظر آئي آهي. صوڀوديرو جي تعليمدان نعمت علي مڱڻيجو ٻڌايو آهي ته  جڏھن کان سرڪاري اسپتالون خانگي ھٿن ۾ ڏنيون ويون آھن تڏھن کان اسپتالن مان عام سور جي گوري به نه ٿي ملي. سماجي ڪارڪن فيض محمد جو چوڻ آهي ته اسپتالن ۾ مريضن جي علاج لاءِ ايندڙ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملي جو رويو بيزاريءَ وارو هوندو آهي. مريضن جي تپاس رسمي انداز سان ڪئي وڃي ٿي ۽ ٽيسٽن لاءِ خانگي ليبارٽرين ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو. جڏهن ته اسپتالن جون عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن.

صوڀوڊيرو؛ هڪ اسپتال جي ويراني ۽ تباهه ٿيل عمارت

صوڀوديرو جي هڪ ٻئي سماجي ڪارڪن امير علي مشوريءَ جو چوڻ آهي ته هر هڪ اسپتال جو عملو ٽيسٽن ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي ٿو ۽ چيو اهو وڃي ٿو ته ٽيسٽون ڪندڙ مشينون خراب آهن. صوڀوديرو تعلقي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ شهرين استاد نثار حطار، امان الله مڱڻيجو، امير علي مشوري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسپتالن جي عملي جي روئي سبب غريب عوام سخت مايوس ۽ علاج کان وانجھيل آھن. ڇتي ڪتي، نانگ ڏنگڻ ۽ ھيپاٽائيٽس کان علاج جون دوائون ته وڏي ڳالهه آهي پر عام بيمارين جو به علاج نٿو ڪيو وڃي. صوڀوديرو تعلقي جي سڄاڻ شخصيتن وزيراعليٰ سنڌ، صحت واري سيڪريٽري ۽ چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ کي درخواست ڪئي آهي ته انهيءَ صورتحال جو نوٽيس وٺي هتان جي عوام کي صحت جون مناسب سهوليتون مهيا ڪرايون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو