صلح نامي تي عدالت قتل جي جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو

نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري) عدالت ۾ صلح نامون جمع ڪرائڻ تي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار آزاد. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار ۽ فريادي ڌر ۾ ٺاهه ٿيڻ بعد صلح نامون پيش ڪرڻ تي ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار قائم پنهور کي عدالت  آزاد ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته فريادي ممتاز علي پنهور مٺياڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو ته جوابدار قائم الدين پنهور منهنجي گهر آيو پنهنجي ڀيڻ هدايت خاتون جيڪا منهنجي زال آهي ان کي پنهنجي گهر هلڻ جو چيو انڪار تي ناراض ٿي پسٽل جا سڌا فائر ڪري منهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو. اڄ ٻڌڻي دوران عدالت ۾ صلح نامون پيش ٿيڻ تي جوابدار کي آزاد ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو