صرف 10 منٽن ۾ ڪتاب اسڪين ڪندڙ انقلابي اسڪينر تيار

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ ڪتابن، تصويرن، ڪاغذن ۽ تصويري البم کي تيزي سان اسڪين ڪري ڊجيٽل فارميٽ بڻائڻ هن وقت به هڪ وڏو مسئلو آهي پر هاڻي سيزر شائن الٽرا اسڪينر صرف منٽن ۾ پوري ڪتاب اسڪين ڪري سگهي ٿو. ان نقلابي اسڪينر کي بند ڪري هڪ بيگ ۾ رکي سگهجي ٿو ۽ اسڪيننگ لاءِ يو ايس بي ذريعي ليپ ٽاپ جي بيٽري استعمال ٿئي ٿي جنهن ڪري ان کي بار بار چارج ڪرڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي. توهان جون پراڻيون تصويرون هجن، رپورٽ ڪارڊ، رنگين رسالا يا ڪو به ڪتاب اسڪينر فوري طور تي حقيقي رنگن سان گڏ ان کي اسڪين ڪري ڊجيٽل فائل ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندو. سڀ کان خاص ڳالهه اها آهي ته ڪروفليٽن ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي جيڪا آٽو فوڪس آهي جنهن سان ڪتاب ڪهڙي به شڪل ۾ هجي ان کي پوري انداز ۾ اسڪين ڪندي آهي هڪ سيڪنڊ ۾ في ڪلڪ ذريعي توهان منٽن ۾ ڪيترائي صفحا ڊجيٽل فارميٽ ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا. هن اسڪينر جي قيمت 110 آمريڪي ڊالر يعني پاڪستاني 16 هزار رپيا رکي وئي آهي. مجموعي طور ان ۾ نصب او سي آر 180 عالمي زبانن کي پڙهي ان کي ڊجيٽل فائل ۾ تبديل ڪندو آهي اهڙي طرح توهان سڄي لائبرري کي گهٽ وقت ۾ اسڪين ڪري سگهو ٿا. واضح رهي ته اسڪينر جي صلاحيت 13 ميگا پڪسل آهي ۽ ان ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪيو ويو آهي. فرض ڪيو جيڪڏهن توهان هزارين صفحا اسڪين ڪري رهيا آهيو ته ان لاءِ مائوس جي جاءِ تي پيرن ذريعي ڪلڪ ڪندڙ پيڊل به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو