صدي جو وڏو رانديگر 82 سالن جو پيلي فوت، دنيا ۾ سوڳ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)فٽبال جي بادشاهه طور سڏيو ويندڙ برازيل جو مشهور فٽبالر، پيلي 82 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ٽي ڀيرا ورلڊ ڪپ کٽيندڙ دنيا جو واحد رانديگر پيلي، فٽبال جي تاريخ جو عظيم ترين ۽ دنيا جي مقبول ترين راند جو ’ماسٽر مائينڊ‘ سمجهيو ويندو هو. سندس ڌيءَ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ پيغام ۾ لکيو ته اسان جيڪو ڪجهه به آهيون تنهن جي ڪري ئي آهيون، اسان توهان سان بيحد پيار ڪريون ٿا، دعا آهي ته توهان کي دائمي سڪون ملي.سندس وفات جي خبر تي سٺي دنيا سوڳوار آهي، فٽبال جي رانديگرن، چاهيندڙن کان آمريڪا جي صدر جو بائيڊن تائين سڀ افسوس ظاهر ڪندي چون پيا ته دنيا فٽبال جي عظيم رانديگر محروم ٿي وئي. کيس 1999ع ۾ انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي پاران صديءَ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو هو، پيلي دنيا جي تاريخ ۾ واحد فٽبالر آهي جنهن 1958ع، 1962ع ۽ 1970ع ۾ 3 ورلڊ ڪپ کٽيا. اوري (دي ڪنگ) جي نالي سان مشهور رانديگر 1977 ۾ رٽائر ٿيڻ کان اڳ پنهنجي افسانوي 21 سالن جي ڪيريئر دوران 1,363 ميچن ۾ 1,281 گول اسڪور ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ آهي، جنهن ۾ سندس ملڪ لاءِ 92 ميچن ۾ 77 گول به شامل آهن. هن جي صحت تيزي سان خراب ٿي رهي هئي، هو گردن جي مسئلن ۽ ڪولون جي ڪينسر ۾ مبتلا هو، ڪيموٿراپي کانپوءِ سيپٽمبر 2021 ۾ هن جي ڪولون جي سرجري ٿي هئي. 23 آڪٽوبر 1940ع تي برازيل جي ڏکڻ اوڀر واري شهر ٽريس ڪاراڪاس ۾ جنم وٺندڙ پيلي جو اصل نالو ايڊسن آرانٽيس دو نيسڪامينٽو هو. پيلي پنهنجي غريب خاندان جي سهاري لاءِ روڊن تي مُڱيرا وڪرو ڪري وڏو ٿيو. هن جي والدين هن جو نالو مشهور آمريڪي موجد ٿامس ايڊيسن جي نالي تي رکيو. بهرحال، هن جو جلد ئي نالو پيلي پيو. هن تي اهو نالو اصل ۾ واسڪو ڊي ساؤ لورنڪو، جتي سندس والد فٽبال کيڏندو هو، اتان جي هڪ گول ڪيپر بائل، جو غلط نالو وٺڻ تي پيو. پيلي 15 سالن جي عمر ۾ پنهنجي راند سان دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيو، جڏهن هن سانتوس سان گڏ هڪ پروفيشنل فٽبالر جي حيثيت سان کيڏڻ شروع ڪيو، هن ڪلب کي ڪيترائي ٽائيٽل کٽرايا جن ۾ 1962ع ۾ بينفيڪا ۽ 1963ع ۾ اي سي ملان خلاف انٽرڪنٽينينٽل ڪپ به شامل هئا. راند دوران پنهنجي شاندار ڪارڪردگيءَ لاءِ ڄاتو ويو، هن کي برازيل ۾ مشهور ’سامبا فٽبال‘ راند ۾ سندس قابليت لاءِ ’قومي خزانو‘ قرار ڏنو ويو. هو پهريون عالمي فٽبال اسٽار هو جنهن راند کي هڪ اهم تجارتي پاور هائوس ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ۽ نمايان ڪردار ادا ڪيو. پيلي 1970 ورلڊ ڪپ ميڪسيڪو ۾ شهرت ۽ عظمت ڏانهن وڌيو، جتي هن کي تاريخ ۾ بهترين ٽيم سمجهيو ويندو آهي. پيلي پنهنجي بيماريءَ جي ڪري عوام ۾ تمام گهٽ ڏٺو ويندو هو، اڪثر واڪر يا ويل چيئر استعمال ڪندو هو. هن کي پيشاب جي نالي جي انفيڪشن جي ڪري ڪيترائي ڀيرا اسپتال داخل ڪيو ويو، ۽ 2021 ۽ 2022 ۾ ڪولون جي ڪينسر جو علاج ڪيو ويو، پر هن پنهنجي صحت جي مسئلن کي پنهنجي شاندار مزاح جي رستي ۾ اچڻ نه ڏنو.

Screen shot

مان پنهنجي منهن تي مسڪراهٽ سان هي ميچ کيڏندس ،“ هن سيپٽمبر 2021 ۾ ڪولون جي ڪينسر جي سرجري کانپوءِ انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيو. هو 2020 ۾ دل جي دوري کان 60 سالن جي عمر ۾ پنهنجي گهاٽي دوست ۽ حريف مير ڊونا جي موت تي تمام گهڻو مايوس ٿيو هو. هن جي موت تي، هن لکيو، “دنيا هڪ ليجينڊ کان محروم ٿي وئي آهي، مون کي اميد آهي ته هڪ ڏينهن اسان جنت ۾ گڏجي فٽبال کيڏنداسين.” برازيل جي فارورڊ نيمار ڏک ظاهر ڪندي چيو ته پيلي کان اڳ فٽبال صرف هڪ راند هئي، جنهن کي پيلي آرٽ ۽ انٽرٽينمينٽ ۾ بدلايو. هو غريب ۽ ڪاري نسل وارن جو عظيم آواز هو. هو فٽبال جو جادوگر هو. فرانس جي ڪيليان مباپا چيو ته هو واقعي فٽبال جو بادشاهه هو دنيا کيس وساري نه سگهندي. ڪرسٽيانو رونالڊو چيو ته هو فٽبال جو سدا حيات بادشاهه رهندو، هو سڀني کي غمگين ڪري ويو آهي. برازيل جي رونالڊو چيو آهي ته فٽبال جي دنيا ۾ هن جهڙو عظيم پليئر ڪو به نٿو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو