اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قزاقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف اڱاري ڏينهن ٻن ڏينهن واري سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو، جتي ٻنهي ملڪن جو مقصد ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي۔
ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا سفارتي لاڳاپا قائم آهن، جڏهن ته وچ ايشيائي ملڪن مان قزاقستان پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي۔
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار راولپنڊي جي نور خان ايئربيس تي صدر توڪايووف جو ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو۔
ريڊيو پاڪستان موجب، آيل معزز مهمان کي 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي وئي۔
اطلاعات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ، جنهن نور خان ايئربيس تي قازق صدر جو به آڌرڀاءُ ڪيو، بعد ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (X) تي لکيو: “پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري سرڪاري دوري تي جمهوريه قازقستان جي صدر، جناب قاسم-جومارت توڪايووف جي آجيان ڪندي عزت محسوس ڪريان ٿو. هوائي اڏي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف کيس ڀليڪار ڪيو.”
هن وڌيڪ لکيو: “هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي حوالي سان انتهائي اهم ثابت ٿيندو، ۽ اسان پنهنجي دوستي ۽ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.”
صدر توڪايووف سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به آهي، جنهن ۾ سينيئر ڪابينا وزير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل آهن. سندس آفيس طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ اسلام آباد جا روڊ رستا قازقستان جي قومي جهنڊي ۽ صدر جي تصويرن سان سينگاريل نظر آيون.
ڏينهن جي شروعات ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ صدارتي سيڪريٽريٽ ٻڌايو ته صدر زرداري قازقستان ۽ ازبڪستان جي صدرن کي نشانِ پاڪستان، جيڪو ملڪ جو اعليٰ ترين شهري اعزاز آهي، عطا ڪندو. ازبڪستان جو صدر به اميد آهي ته هن مهيني دوران پاڪستان جو دورو ڪندو۔
پرڏيهي آفيس (ايف او) موجب، صدر توڪايووف صدر زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو، گڏوگڏ پاڪستان-قازقستان بزنس فورم کي به خطاب ڪندو۔
پرڏيهي آفيس واضح ڪيو ته مهمان صدر جو دورو اسلام آباد ۽ استانا لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جو جامع جائزو وٺڻ جو “اهم ۽ بروقت موقعو” فراهم ڪندو۔
ايف او موجب، ٻنهي ڌرين وچ ۾ واپار، لاجسٽڪس، علائقائي رابطن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ رابطن سميت نون شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به ڳالهيون ٿينديون، جڏهن ته علائقائي ۽ عالمي فورمن تي گڏيل تعاون جا امڪان به ڳوليا ويندا۔
هي دورو ٻنهي ملڪن لاءِ فائدي وارو قرار ڏنو پيو وڃي. پاڪستان لاءِ اهو موقعو اسلام آباد کي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا سميت ٻين علائقن جي وچ ۾ هڪ زميني پل طور اُڀارڻ ۾ مدد ڏيندو، جڏهن ته قازقستان لاءِ روس-يوڪرين جنگ کان پوءِ يوريشيا ۾ پيدا ٿيل صورتحال دوران عالمي واپار ۾ تنوع آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو۔
قزاقستان جو سائنس ۽ اعليٰ تعليم وارو وزير سياست نوربيڪ اڳ ئي پاڪستان جي دوري تي موجود آهي۔ سومر ڏينهن ٻنهي ملڪن جي اعليٰ تعليمي ادارن وچ ۾ اٺ مفاهمتي ياداشتون (MoUs) تي صحيون ڪيون ويون، جن جو مقصد گڏيل تحقيق، فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا، گڏيل تعليمي پروگرامن ۽ صلاحيت وڌائڻ جي منصوبن کي هٿي ڏيڻ آهي۔
هن سهڪار جي تحت اسلام آباد جي ٽن سرڪاري يونيورسٽين ۾ قزاقستان جا تعليمي مرڪز به قائم ڪيا ويا۔
گذريل سيپٽمبر ۾، جڏهن ان وقت جي قازق ڊپٽي وزيراعظم مرات نورتليو پاڪستان جو دورو ڪيو هو، ته ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تعاون جي ايڪشن پلان تي به صحيحون ڪيون هيون۔
ايران ۽ آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي، خامنائي پاران فوج کي تيار رهڻ جو حڪم
شاهراهه ڀٽو کي محفوظ ۽ ماڊل روڊ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن
جهنگلي پکين جي غير قانوني شڪار تي پابندي لاڳو
گورنر راج ۽ ايمرجنسي نه لڳايون ها ته ڪي پي کي نقصان پهچي ها
حيدرآباد جي روڊ بابت ميڊيا جو ڪردار اهم آهي: مراد شاهه
ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ سريلنڪا کي پاڪستان جي شڪست
قومي تاريخ جي ناڪامين ۾ اسان سڀني جو حصو آهي: خواجه آصف
حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم
28هين ترميم بهتري لاءِ ٿئي ته پ پ انهي جي حمايت ڪندي
بدين، زمين تڪرار تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ، 1 قتل
سنگاپور سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري جو شڪ اتر ڪوريا تي ڇو آهي؟
”را“ سان لاڳاپا ۽ رياست مخالف سازش جا الزام رد، جوابدار جي سزا ختم
جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي
نصيرآباد: ٻن هارين کي اغوا ڪيو ويو
اسٽاڪ ايڪسچينج،ڪاروباري هفتي دوران مثبت لاڙو
ڪراچي:موٽرسائيڪل لفٽر سميت 3 جوابدار گرفتار
ايف بي آر آڪٽوبر جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ايڊز متاثر ٻارن جي انگ ۾ واڌ، 3900 مريضن سان سنڌ اڳتي
ڪراچي واسي ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور










