صدر پاران چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اعلان متوقع،ن ليگ جي تنقيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان ڪنهن به وقت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب عارف علوي ڪنهن به وقت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري سگهي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزير سان صدر جي ملاقات ۾ چونڊن جي تاريخ جي اعلان تي غور ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت جو موقف آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي.ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عارف علوي صدارتي مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ صدارتي هائوس خالي ڪرڻ جي تاريخ ڏئي، بيڊ کڻي پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ڏانهن هليو وڃي.هن چيو ته معاشي دهشتگرد چونڊون نٿا چاهين پر ملڪ ۾ معاشي، سياسي ۽ آئيني بحران آهي، جيل ۾ ويٺل رياستي ۽ معاشي دهشتگرد ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي برداشت نه ٿو ڪري،ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ دعويٰ ڪئي آهي ته صدر پاڪستان جو مدو 9 سيپٽمبر تي ختم ٿي ويو آهي، هو عبوري صدر آهي، کيس چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو؟ عبوري صدر نئين صدر جي مقرري تائين آفيس ۾ رهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو