اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري مون سون برساتن جي پيشِ نظر سمورن ادارن کي هائي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.صدرِ مملڪت هدايت ڪئي آهي ته اين ڊي ايم اي (NDMA)، پي ڊي ايم ايز (PDMAs) ۽ مقامي ادارا مڪمل رابطي ۾ رهن.هن چيو آهي ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ برساتن توڙي پاڻي جي صورتحال جي نگراني ڪئي وڃي، ۽ حساس علائقن ۾ ریسڪيو وسيلن سان گڏ امدادي سامان اڳواٽ پهچايو وڃي. صدرِ مملڪت هدايت ڏيندي چيو آهي ته سياحن ۽ مقامي آبادي جي تحفظ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. هن برساتن دوران فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي. صدرِ مملڪت آصف علي زرداري امدادي سرگرمين ۾ مصروف ريسڪيو ۽ ايمرجنسي اهلڪارن کي زبردست خراجِ تحسين پڻ پيش ڪيو.










