صدر عقل استعمال ڪرڻ کانسواءِ آئين جي ابتڙ آرڊيننس جاري ڪيا:رباني

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو آئيني مدو ختم ٿي ويو آهي، هو پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. انهن پنهنجي دماغ کي استعمال ڪرڻ کان سواءِ غير آئيني آرڊيننس جاري ڪيو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته صدر ڪيترائي ڀيرا آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، صدر آئين جي خلاف اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرن کي مقرر ڪيو، جي آءِ ڊي سي آرڊيننس بين الصوبائي مشاورت کانسواءِ جاري ڪيو.رضا رباني چيو ته صدر سينيٽ مان رد ڪيل پي ايم ڊي سي آرڊيننس ٻيهر جاري ڪيو، صدر بنا ڪنهن فرق جي ٻن ججن خلاف ريفرنس داخل ڪيو، صدر سنگين غداري ڪيس ۾ پراسيڪيوشن ڪيس واپس وٺڻ تي مجرمانه خاموشي اختيار ڪئي.پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايس اي سي پي جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي برطرف ڪرڻ جو صدارتي حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي آرڊيننس جاري ڪرڻ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.رضا رباني اهو به چيو ته سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس ڪالعدم قرار ڏنو، بلوچستان هاءِ ڪورٽ صدر پاران جاري ڪيل اين ايف سي نوٽيفڪيشن کي رد ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صدر طرفان وفاقي محتسب جي برطرفي واري فيصلي کي برقرار رکيو، سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو.اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته صدر وزيراعظم جي مشوري تي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، صدر چونڊيل وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو.صدر پنجاب جي گورنر کي برطرف ڪرڻ تي وزيراعظم جي مشوري تي عمل نه ڪيو.رضا رباني وڌيڪ چيو ته صدر نه ته 2 بلن تي صحيحون ڪيون ۽ نه ئي اعتراضن سان واپس ڪيا ۽ پنهنجي اسٽاف تي الزام مڙهيا، صدر جي سيڪريٽري تصديق ڪئي ته بل صدر جي چيمبر ۾ موجود هو، ان بل جي غلط تشريح ڪئي ۽ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو