صدر سان ايم ڪيو ايم جي وفد جي ملاقات، امن امان بابت ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صدر آصف زرداري سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي.ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ايم ڪيو ايم جي وفد آصف علي زرداري کي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته صدر کيس مبارڪباد ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جو شڪريو ادا ڪيو.ترجمان جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي وفد صدر آصف زرداري سان ڪراچي ۾ امن امان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته هو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ۾ امن امان بابت اجلاس ڪرڻ آيو آهي، امن امان جي بحالي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ وٺي هلنداسين.ايم ڪيو ايم جي وفد صدر آصف زرداري کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.

پهنجو تبصرو موڪليو