حيدرآباد (پ ر) ٺل ۾ نوجوان صدام لاشاري جي قتل جي عدالتي جانچ ڪرائي حقيقتون عوام جي آڏو ظاهر ڪيون وڃن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي هن چيو ته جيڪب آباد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل ٿي ويل نوجوان سماجي ڪارڪن ۽ سوشل ايڪٽيوسٽ هو. هي سماجي براين خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريندو رهندو هو. جنهن تي کيس ڪوڙو ڊرامو رچائي ماريو ويو. سندس وارثن موجب پوليس جي ڏيکاريل مقابلي کان ڪجهه ڏينهن اڳ صدام کي پوليس کنڀي گم ڪري تشدد ڪيو ۽ سندس والد کان پوليس صدام جي آزاديءَ لاءِ 10 لک جي ڪئي نه ملڻ جي صورت ۾ کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو. صدام لاشاري جي عدالت کان مٿانهين قتل جي مذمت ڪجي ٿي ۽ هن قتل خلاف ٿيندڙ احتجاج جي مڪمل حمايت ڪجي ٿي. ايس ٽي پي جي ڪارڪنن کي هدايت آهي ته اهي هن ظلم خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته واقعي جي تفصيلي ۽ عدالتي جانچ ڪرائي حقيقت سامهون آندي وڃي ۽ ملوث پوليس اهلڪارن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
