ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي گائنيڪالوجي وارڊ 9-B ۾ ارلي پريگنينسي اسيسمينٽ (EPA) ۽ ايڊوليسنٽ ڪيئر يونٽ (ACU) ون اسٽاپ سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن مرڪز جي قيام جو مقصد حمل جي شروعاتي مرحلي ۾ عورتن کي بروقت تشخيص، ماهراڻي صلاح ۽ گڏيل طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته نوعمر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي جسماني، ذهني، غذائي ۽ توليدي صحت بابت رهنمائي ۽ علاج لاءِ محفوظ ۽ دوستاڻو ماحول مهيا ڪيو ويندو. افتتاحي تقريب ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خالد شير، وارڊ 9-B جي سربراهه ۽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر نگهت علي شاهه، سينيئر ڊاڪٽرن، فيڪلٽي ميمبرن، طبي عملي ۽ آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه هن مرڪز جي قيام کي عورتن جي صحت لاءِ انتهائي اهم قدم قرار ڏيندي جناح اسپتال، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ وارڊ 9-B جي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته جناح اسپتال سان سندس تعلق تمام پراڻو آهي ۽ جڏهن به هو هن اداري جو دورو ڪندو آهي ته کيس هتي مريضن جي ڀلائي لاءِ ڪا نه ڪا نئين طبي سهولت يا منصوبو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن چيو ته ارلي پريگنينسي اسيسمينٽ ۽ ايڊوليسنٽ ڪيئر يونٽ جو قيام ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جناح اسپتال جي انتظاميا ۽ طبي ماهر عوام کي جديد ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا آهن. آصف حيدر شاهه جناح اسپتال جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هي ادارو نه رڳو ڪراچي پر سنڌ جي ٻين ضلعن ۽ ملڪ جي مختلف علائقن مان ايندڙ مريضن کي پڻ معياري ۽ خصوصي علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مريضن جي وڏي انگ ۽ محدود وسيلن باوجود جناح اسپتال جا ڊاڪٽر، نرسون ۽ ٻيو طبي عملو جنهن جذبي ۽ پيشه ورانه ذميواري سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، اهو ساراهه جوڳو آهي. چيف سيڪريٽري چيو ته صحت جو شعبو حڪومتِ سنڌ جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ صوبائي حڪومت سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون بهتر بڻائڻ، جديد طبي اوزار فراهم ڪرڻ، انفراسٽرڪچر مضبوط ڪرڻ ۽ ڊاڪٽرن سميت ٻين طبي عملي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن جناح اسپتال جي انتظاميا کي يقين ڏياريو ته اداري کي وڌيڪ فنڊ، وسيلا ۽ گهربل انساني وسيلا فراهم ڪيا ويندا. هن صحت جي منصوبن کي صاف پاڻي، صفائي سٿرائي، زندگي جي پهرين هڪ هزار ڏينهن واري صحت ۽ غذائيت، آبادي جي بهبود ۽ ٻين سماجي شعبن جي منصوبن سان مربوط ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ چيو ته حمل جي شروعاتي مرحلي ۾ بروقت تشخيص ۽ مناسب طبي رهنمائي سان ممڪن پيچيدگين کي گهٽائي ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته طبي يونيورسٽين ۽ تدريسي اسپتالن جي وچ ۾ مضبوط سهڪار سان علاج، طبي تعليم، تربيت ۽ تحقيق جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته نئون مرڪز مريضن جي خدمت سان گڏ نوجوان ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي تربيت ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خالد شير چيو ته جي پي ايم سي عوام کي مريضن تي مرڪوز ۽ جديد طبي اصولن موجب سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳيتو ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ون اسٽاپ سينٽر ذريعي عورتن ۽ نوعمر ماڻهن کي هڪ ئي هنڌ طبي معائنو، صلاح، ابتدائي علاج ۽ ضرورت موجب لاڳاپيل شعبي ڏانهن ريفر ڪرڻ جي سهولت حاصل ٿيندي. هن جناح اسپتال جي مسلسل سرپرستي ۽ سهڪار تي چيف سيڪريٽري سنڌ جو ٿورو مڃيندي چيو ته حڪومتِ سنڌ جي تعاون سان اسپتال جي انفراسٽرڪچر، انساني وسيلن ۽ خصوصي طبي خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. وارڊ 9-B جي سربراهه ۽ جي ايس ايم يو جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر نگهت علي شاهه چيو ته حمل جا شروعاتي ڏينهن ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ انتهائي اهم هوندا آهن ۽ هن مرحلي تي ڪنهن به پيچيدگي جي بروقت تشخيص ۽ علاج ضروري آهي. هن ٻڌايو ته ارلي پريگنينسي اسيسمينٽ يونٽ ۾ عورتن کي مربوط نظام تحت طبي معائنو، تشخيص، صلاح، ابتدائي علاج ۽ ضرورت موجب لاڳاپيل ماهر ڊاڪٽر ڏانهن رهنمائي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. ڊاڪٽر نگهت علي شاهه چيو ته نوعمر ماڻهن جون صحت جون ضرورتون بالغ ماڻهن کان مختلف هونديون آهن، تنهن ڪري کين اهڙو محفوظ ۽ باوقار ماحول فراهم ڪرڻ ضروري آهي، جتي هو بنا هٻڪ پنهنجا مسئلا بيان ڪري سگهن ۽ کين رازداري ۽ غيرجانبداري سان طبي صلاح فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته ايڊوليسنٽ ڪيئر يونٽ نوعمر ماڻهن کي صحت بابت صحيح معلومات، پيشيوراڻي رهنمائي ۽ مناسب طبي سهڪار فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. تقريب جي شرڪت ڪندڙن اميد ظاهر ڪئي ته ارلي پريگنينسي اسيسمينٽ ۽ ايڊوليسنٽ ڪيئر ون اسٽاپ سينٽر محفوظ حمل، صحتمند مائرن ۽ ٻارن سان گڏ نوعمر ماڻهن کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو.










