مٺياڻي(ن س) سينئر صحافي منظور علي ملڪ جي چاليھي جي دعا سندس اباڻن ڪکن تي ٿي گذري جنھن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، عزيزن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم ٻڍل ملڪ، لالا حسن پٺاڻ، فرھاد حسين، عمران چنہ، ايم جمن راجپوت، شاہ جھان مستوئي، ستار ڪنڀر، شمشير راجپوت، صدام ملڪ ۽ ٻين چيو تہ صحافي منظور ملڪ غريب صحافي ھو پر ھن ڪڏھن بہ صحافت کي نہ لڄايو، غريبن جي پنھنجي وس ۽ وت آھر مدد ڪندي سندن آواز اعلي۱ اختيارين تائين پھچايو. منظور ملڪ جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. دعا ۾ منظور ملڪ جي وڏي ڀاء ۽ ٻن پٽن پڻ شرڪت ڪئي ۽ آيلن جا ٿورا مڃيا.ٻئي پاسي سيشن ڪورٽ جي ريڊر امان اللہ ملڪ جي امڙ جو ٽيجھو پڻ ٿي گذريو جنھن ۾ ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مولانہ شجاعت رسول ملڪ پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ اللہ تعالي۱ انسان کي سڀني مخلوقات کان مٿانھون قرار ڏنو ان لاء اسانکي عبادت ۽ نيڪين سان گڏ انسانن کي ايذائڻ نہ گھرجي.










