صبا پٽ ۽ ننهن جي خلاف شيئر ڪيل وڊيو تي شرمسار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا صبا فيصل پنهنجي پٽ سلمان ۽ نيها ملڪ خلاف سوشل ميڊيا تي وڊيو شيئر ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.صبا فيصل تازو ئي يوٽيوب نادر علي جي پوڊ ڪاسٽ تي اعتراف ڪيو ته سوشل ميڊيا تي سندس پٽ ۽ نياڻي خلاف وڊيوز شيئر ڪرڻ وڏي غلطي هئي.هن چيو ته مان سلمان جي ماءُ آهيان ۽ مونکي پنهنجي پٽ ۽ نياڻي خلاف وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر نه ڪرڻ گهرجن ها.اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي منهنجي زندگي جو اهو لمحو هو جڏهن مون کي تمام گهڻو ڪمزور محسوس ٿيو، جنهن دوران مان پنهنجي جذبات تي قابو نه رکي سگهيس ۽ ان جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون جيڪي وائرل ٿي ويون ۽ ان تي تمام گهڻي تنقيد به ٿي.اسڪرين تي پنهنجي ناڪاري ڪردارن بابت ڳالهائيندي صبا فيصل چيو ته مان ٽيليويزن تي اڪثر ناڪاري ڪردارن ۾ ساس جي روپ ۾ نظر ايندي آهيان، ان ڪري ماڻهو سمجهندا آهن ته مان اصل ۾ اهڙي ساس آهيان.هن چيو ته ڊرامن ۾ ناڪاري ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارن تي حقيقي زندگي ۾ به تنقيد ٿيندي آهي.اداڪارا وڌيڪ چيو ته مون جنهن طريقي سان پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪئي آهي ان مان واضح آهي ته اهي پنهنجي رشتي تي ائين بيٺا آهن جيئن منهنجو پٽ سلمان هاڻي پنهنجي زال نيها سان آهي.صبا فيصل اهو به انڪشاف ڪيو ته مون نيها کي پنهنجي نياڻي طور چونڊيو پر آخري فيصلو منهنجي پٽ جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو