ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪارا، هدايتڪار ۽ ماڊل صبا قمر هڪ ڀيرو ٻيهر پيار ۾ پئجي وڃڻ جو اعتراف ڪيو آهي.اداڪارا صبا قمر جيڪا پنهنجي اداڪاري جي ڪري لکين دلين تي راج ڪري چڪي آهي، تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي جي نائيٽ شو ۾ شرڪت ڪئي.ان دوران هن شو جي ميزبان معروف اداڪار عمران اشرف سان دلچسپ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ٻنهي فنڪارن جي مداحن کي خوب محظوظ ڪيو.صبا قمر شو دوران چيو ته هو اڄڪلهه تمام گهڻي خوش آهي.شو دوران ميزبان عمران اشرف جي هڪ سوال تي اداڪارا چيو ته اسان انسانن کي هميشه ڪنهن ٻئي انسان جي ضرورت پوندي آهي، ڪو به انسان ڪنهن کان سواءِ رهي نٿو سگهي، جنهن تي عمران اشرف وڌيڪ سوال ڪيو ته توهان کي هن وقت ضرورت آهي يا؟ توهان جي ضرورت پوري ڪئي وئي آهي.ان سوال جي جواب ۾ اداڪارا صبا قمر شرمسار ٿي وئي ۽ هن رڳو ”الحمدلله“ جو جواب ڏنو جنهن تي شو جي سيٽ تي موجود سمورا فنڪار ۽ ڏسندڙ صبا قمر جو اهو جواب ٻڌي خوش ٿي ويا.شو دوران سمورن شرڪت ڪندڙن صبا قمر کي ان تي مبارڪباد پڻ ڏني.










