صادق سنجراڻي کي عدالت قائم مقام صدر لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صادق سنجراڻي کي وقتي صدر ٿيڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي وقتي صدر طور عهدو سنڀالڻ خلاف درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس عامر فاروق اهو فيصلو ٻڌايو. واضح رهي ته افضل شنواري درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي هئي ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي وقتي صدر ٿيڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ڇو ته صدر لاءِ آئين ۾ گهٽ ۾ گهٽ عمر 45 سال لکيل آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل چيو هو ته اها اهليت صدر جي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدواري تي لاڳو ٿئي ٿي، قائم مقام تي نه. هن چيو ته قائم مقام صدر سينيٽ جو چيئرمين ٿي سگهي ٿو ۽ اهو به آئين ٿو چوي ۽ آئين جي ان شق ۾ ڪٿي به عمر جي پابندي ناهي. ياد رهي ته صادق سنجراڻي جي عمر چاليهه سال آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو