شھدادڪوٽ ۾ زميني تڪرار تان فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا

قمبر شھدادڪوٽ:(ن س) شهدادڪوٽ ڀرسان مهي مڪول ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ زخمي نينگري به فوت ٿي وئي جنهن کان پوءِ مارجي ويلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو.زميني تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل 8 ورهين جي نينگري نويدان اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي مهي مڪول ٿاڻي جي پوليس 8 نامزد جوابدارن سميت 11 جوابدارن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي پوليس موجب واقعي ۾ ملوث ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي سمورن جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو ياد رهي ته گذريل رات ڳوٺ در محمد مغيري ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ٿي هئي جهيڙي دوران فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو