شھدادپور ڀرسان نوجوان مبينا آپگهات،پٽ جو ذهني توازن درسٿ نه هو

شھدادپور (ن س)شھدادپور ڀرسان نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، مڙھ اسپتال منتقل ڪيو ويو،ڳوٺ مٺو ڀاڻوجو ۾ 18 ورهين جي شادي شده نوجوان ارجن پٽ پرڀو ڀيل زرعي زمين تي ڳچي ۾ رسو وجهي زندگي جو انت آندو،اطلاع تي مقصودو رند پوليس پهچي مڙھ تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ،والد موجب پٽ جو ذهني توازن درست نه هو، مرگهي جو مريض هو، بيماري کان تنگ اچي انتهائي قدم کنيو.پوليس موجب وارٽ واقعي کي آپگهات قرار ڏئي رهيا آهن، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو