لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر طنزيه انداز ۾ چيو آهي ته شڪر آهي نواز شريف کي 3 سالن کانپوءِ دوا ملي آهي.لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته نواز شريف جي ملاقات ٿي آهي، مان ان کي ملاقات نه چوندس، کيس گهڻو اڳ اچڻ گهرجي ها. اسد عمر جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي اصولي طور وطن واپسي ۽ جيل وڃڻ گهرجي. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين هر صورت ۾ سرخرو ٿيندو. سندس اهو به چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺندي.
