شڪارپور ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل

شڪارپور: (ن س) شڪارپور ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀاءُ فائرنگ ڪري ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ۾ مشهور ايڊووڪيٽ جلال الدين سومرو کي ملڪيت جي تڪرار تان سندس ڀاءُ اطهر سومرو گوليون هڻي قتل ڪيو.ان حوالي سان پوليس ٻڌايو آهي ته مقتول جلال الدين سومرو کي سيني ۾ گوليون لڳيون جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ سکر نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. ايڊووڪيٽ جلال الدين سومرو شڪارپور بار ايسوسئييشن جو جنرل سيڪريٽري هيو. ڊسٽرڪٽ بار شڪارپور پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته جلد کان جلد جوابدار کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. ٻئي پاسي اهڙي واقعي جو اطلاع ملندي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران اي ايس پي سٽي محمد عثمان خان جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيمن کي واقعي واري هنڌ پهچي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.ٻڌايو پيو وڃي ته جوبدار اطهر علي سومرو پنهنجي ڀاءُ ايڊووڪيٽ جلال الدين سومرو کي ملڪيت جي تڪرار تان قتل ڪيو آهي ڪافي وقت کان وٺي ٻنهي ڀائرن ۾ ملڪيت جي تڪرار تان اختلاف هئا. ملوث جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪندي سرچ آپريشن ۽ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو