شير افضل مروت خلاف وڌيڪ ڪارروائي نه ڪئي وڃي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم جي وڪيل شير افضل مروت خلاف ڪيس جا تفصيل سامهون اچڻ تائين وڌيڪ انضباطي ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت وڪيل شير افضل مروت خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل 30 آگسٽ تائين طلب ڪري ورتا.عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 30 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.عدالت شير افضل مروت جي درخواست تي اعتراض ختم ڪري ڇڏيا وڪيل شير افضل مروت ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته منهنجي درخواست تي بائيو ميٽرڪ نه ڪرائڻ تي اعتراض آهي.جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته توهان کي بائيو ميٽرڪ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ايڊووڪيٽ شير افضل مروت عدالت کي ٻڌايو ته درخواست داخل ڪرڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي آهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪيس چاهيو ٿا، توهان جي ڪهڙي درخواست آهي؟ وڪيل شير افضل مروت چيو ته جيڪڏهن ڌرين تي ڪيس ٺاهين ٿا ته کين حراسان ڪن ٿا، جن کي ڌر بڻائين ٿا اهي اسان جي خلاف ٿي وڃن ٿا، روز جي بنياد تي ڪيس هلي رهيا آهن، منهنجي خلاف اٽڪ ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.هن استدعا ڪئي ته عدالت ڪيس جا تفصيل طلب ڪري گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪري.عدالت ڪيس جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.عدالت ڌرين کي شير افضل مروت خلاف انضباطي ڪارروائي کان روڪيندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو