لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز لنڊن روانو ٿي ويندا.مريم نواز اڄ صبح لنڊن روانو ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف به 2 ڏينهن پاڪستان ۾ رهڻ کانپوءِ لاهور کان لنڊن روانو ٿي ويو.شهباز شريف اڱاري جي صبح لنڊن کان پاڪستان پهتو، هو لاهور کان دوحه ذريعي لنڊن روانو ٿيندو. ذريعن موجب شهباز شريف نواز شريف لاءِ اهم پيغام کڻي رهيو آهي، مريم نواز اڄ شام ۽ شهباز شريف رات جو لنڊن پهچندي جتي جمعي تي نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز ۾ اهم ملاقات ٿيندي. اجلاس ۾ نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي وطن واپسي جي حتمي پروگرام کان علاوه چونڊن بابت اهم فيصلن جو امڪان آهي. پارٽي جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته شهباز شريف پارٽي قائد نواز شريف جي دعوت تي لنڊن وڃي رهيو آهي، لنڊن ۾ نواز شريف سان مشاورت ڪندو ۽ جلد وطن واپس ايندو.
