اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪيو.وزيراعظم خالد حسين مگسي، خالد مقبول صديقي ۽ امل ولي خان کي به ٽيليفون ڪيو، شهباز شريف حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ سندن خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه کان به آگاهه ڪيو.
