لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي سان ڪيمپ جيل لاهور ۾ ڪجهه ڏينهن اندر ٻيو ڀيرو ملاقات ڪئي.ذريعن موجب چوڌري شجاعت حسين ڪيمپ جيل لاهور ۾ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چوڌري سالڪ ۽ چوڌري وجاهت حسين به چوڌري شجاعت سان گڏ هئا.چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات کان اڳ ميڊيڪل بورڊ به پرويز الاهي جي چيڪ اپ لاءِ ڪيمپ جيل پهتو ۽ ڊاڪٽرن پرويز الاهي جو معائنو ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري شجاعت حسين چوڌري پرويز الاهي سان اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ چوڌري شجاعت حسين هڪ ڀيرو ٻيهر چوڌري پرويز الاهي کي چيو ته هو پي ٽي آءِ ڇڏي پنهنجي پراڻي پارٽي ۾ واپس اچي سگهن ٿا.ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته مون کي جيڪي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون، سو مون پورو ڪيو، هاڻي منهنجي سياست بابت چوڌري منس الاهي جيڪو به فيصلو ڪندو قبول هوندو.
