ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف پاڪستان اسٽيٽ آئل(پي ايس او) ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو.ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس احتساب عدالت مان ٽرانسفر ڪرائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت ريفرنس ٽرانسفر ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو.درخواست ريفرنس جي شريڪ جوابدار شيخ عمران الحق طرفان داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته نيب آرڊيننس ۾ ترميم کان پوءِ هاڻ عدالت کي ٻڌڻي جو اختيار نه آهي.










