شانگلا ۾ جابلو ڇِپ ڪِرڻ سان 8 ٻار دٻجي فوت

شانگلا (ويب ڊيسڪ) شانگلا جي علائقي مارتونگ ۾ جابلو ڇِپ ڪرڻ سبب 8 ٻار دٻجي فوت ٿي ويا.پوليس موجب ڪچي روڊ تان گذرندي ٻارن تي جابلو ڇِپ ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ٻار دٻجي ويا. هوڏانهن ريسڪيو 1122 طرفان ٻڌايو ويو آهي ته مارتونگ ۾ راند ۾ مصروف ٻارن تي جابلو ڇپ ڪِري، 8 ٻارن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ ٻارن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو