شادي تان موٽندڙ فنڪارن کان ڦر، جوابدار فرار

دادو(ن سنڌيار)ڪچي جي علائقي  ڪيٽي جتوئي ٿاڻي ڀرسان شادي تقريب تان موٽندڙ فنڪار عورتن ۽ مردن کي هٿياربندن يرغمال بڻائي 40 هزار روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڪي ٽي جتوئي ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ داخل ڪرائي وئي فنڪارن جو تعلق مورو شهر سان ٻڌايو وڃي پيو جن ڪي ٽي جتوئي ڳوٺ شبير جوڻيجو جي شادي جي تقريب ۾ اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ۽ لوڪ گيت پيش ڪيا هئا، واپسي تي ڦر واقعو پيش آيو، متاثر فنڪار ارشد ميراڻي، صنم دل ۽ ٻين رابطي تي ٻڌايو ته اسين پروگرام تان مورو وڃي رهيا هئاسين ته ڪي ٽي جتوئي ٿاڻي ڀرسان هٿياربند ڦورن اسان جي گاڏي روڪي اسان کان رقم سان ڀريل ٿيلهو ڦر ڪيو، پوليس پاران ڦورن خلاف ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نه آندي وئي آهي، متاثر فنڪارن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي آهي ته ڦورن خلاف ڪاروائي ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو