شاخ مٿان اچ وڃ لاءِ رکيل بجلي جا ٿنڀا پُلِ صراط بڻيل

پکو (عبدالوحيد ميئو) ڳوٺ پنھل چانڊيو ۽ ڳوٺ ٻٽيون جي وچ مان وھندڙ چيلو شاخ کي پل نه پئجي سگھي، شاخ مٿان ڳوٺاڻن بجلي جا ٿنڀا رکي سالن کان اچ وڃ ڪرڻ لڳا آھن جنھن سان ڪيترائي حادثا پيش اچي چڪا آھن ۽ ڳوٺاڻا شاخ اندر ڪري زخمي پڻ ٿيا آھن جڏھن ته ڳوٺاڻن جي شڪايتن باوجود چونڊيل نمائندا شاخ مٿان پل تعمير نه ڪرائي سگھيا آھن. ان حوالي سان ڳوٺاڻن علي محمد چانڊيو، محرم علي، معشوق علي، راحب چانڊيو، عاشق حسين ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسان جي ڳوٺن کي پل جي سخت ضرورت آھي شاخ مٿان پل نه ھجڻ ڪري اسان کي سخت تڪليف سان منھن ڏسڻو پوي ٿو.

سرڪار طرفان پل نه ٺھرائي ڏيڻ تي اسان ھٿرادو طور بجلي جا ڳريل ٿنڀا رکي اچ وڃ ڪري رھيا آھيون جيڪا پل پڻ زبون بڻجي وئي آھي ٿنڀن جي پل ڪنھن به وقت جاني نقصان باعث بڻجي سگھجي ٿي. ٿنڀن ۾ سوراخ ھجڻ ڪري اسان جا معصوم ٻار شاخ ۾ ڪري پيا آھن ۽ اھڙي صورتحال ۾ اسان ٻارڙن کي اسڪول به نٿا موڪلي سگھون. ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت توڙي وس وارن کان گھر ڪئي آهي ته اسان جي ڳوٺن جي گذر جي پل تعمير ڪرائي وڏي حادثي ٿيڻ جي امڪان کي روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو