سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، ٻه سڳا ڀائر مارجي ويا

شھدادپور: (ن س) شھدادپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه سڳا ڀائر مارجي ويا آهن.شھدادپور لڳ لنڊوٿاڻي جي حد ڳوٺ خادم حسين زرداري ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ٽالپر برادري جي ماڻهن پلاند ۾ فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن پوليس اھلڪار غلام شبير زرداري ۽ مراد علي زرداري کي قتل ڪريڇڏيو فرار ٿي ويا.اهڙي اطلاع تي شھدادپور ۽ لنڊو پوليس جا اٽالا واقعي واري ھنڌ پھچي ويا.ٻنھي مقتولن جي لاشن کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال سمس شھدادپور آندو ويو.ايس ايڇ او شھدادپور نبي بخش جلباڻي ٻڌايو ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آھي ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،مقتولن جي وارثن ٻڌايو ته ٽالپر برادري جي ھٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري مراد علي زرداري ۽ غلام شبير زرداري کي قتل ڪيو آھي.ياد رھي ته 9 مھينا کن اڳ نوجوان شھزاد ٽالپر ۽ زرداري برادري جي نوجوان ڇوڪري سان پسند جو پرڻوڪيو ھو جنھن تان 2 مھينا اڳ شھدادپور شھر جي وڇ زرداري برادري جي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن پيءُ ڇوڪري شھزاد ٽالپر جي پيءُ ذوالفقار ٽالپر کي قتل ڪري ڇڏيو ھو جنھن جي پلاند ۾ ٽالپر برادري جي ماڻهن اڄ فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن کي قتل ڪريڇڏيو آھي جڏھن ته پوليس اڃا اھڙو ڪيس داخل نه ڪيو نه ئي ڪا گرفتاري ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو