سکر ڀرسان ڳوٺ لال مشائخ ۾ اُرڙي وگهي 5 معصوم ٻارڙا فوت

سکر (ن س) سکر ڀرسان ڳوٺ لال مشائخ ۾ اُرڙي وگهي 5 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا سکر ويجهو ڳوٺ لال مشائخ ۾ اُرڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي، 5 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، ڊپٽي ڪمشنر چئن ٻارڙن جي اُرڙي وگهي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين ۾ چئن ورهين جو عبدالرحمان ڀٽي، ڏيڍ سال جي شاهين ڀٽي، ڏيڍ سال جو آذان پٽ محمد عرفان ڀٽي شامل آهن، پنج ورهين جو آيان پٽ محمد نعمان ڀٽي ۽ ٽن ورهين جي صديقه ڌيءَ ضمير حسين به فوتين ۾ شامل ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ارڙي تباهي مچائي ڇڏي آهي، رابطي ڪرڻ باوجود صحت کاتي جي عملدارن ڪا ٽيم نه موڪلي جنهن ڪري 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا، واهر ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو