سڌو موسيوالا جي قتل جو ماسٽر مائينڊ ڪيليفورنيا مان گرفتار

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي مشهور پنجابي ڳائڻي شبديپ سنگهه سڌو عرف سچو موسيوالا جي قتل جو ماسٽر مائينڊ گرفتار ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ملزم گولڊي برار کي 20 نومبر تي ڪيليفورنيا مان گرفتار ڪيو ويو هو.واضح رهي ته پنجابي ڳائڻي سچو موسي والا کي 29 مئي جي شام اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.ٻئي طرف سچو موسيٰ والا جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته کيس 30 گوليون لڳيون آهن جڏهن ته سندس جسم مان 2 درجن کان وڌيڪ گوليون ڪڍيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو