اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات سبب پي ٽي سي ايل انٽرنيٽ ۽ يوفون سروسز ۾ وڏي پيماني تي خلل پيو آهي، جنهن جو اثر سڄي ملڪ ۾ سبسڪرائبرن تي ٿيو آهي. ڇو ته ٻيا ٽيليڪام آپريٽرز پي ٽي سي ايل کان هول سيل انٽرنيٽ خريد ڪن ٿا، تنهنڪري جاز، زونگ ۽ ٽيلي نار جي يوزرز کي به ڊيٽا سروس ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. گلوبل انٽرنيٽ واچ ڊاگ نيٽ بلاڪس تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ڪنيڪٽيوٽي ۾ وڏي رڪاوٽ آئي آهي، جنهن ۾ پي ٽي سي ايل گهڻو متاثر ٿيو. قومي سطح تي انٽرنيٽ ڪنيڪشن عام سطح جي صرف 20 سيڪڙو تائين گهٽجي ويو آهي. پي ٽي سي ايل جي ترجمان هڪ سوال جي جواب ۾ تسليم ڪيو ته مسئلو موجود آهي. “اسان جون ٽيمون خدمتن کي جلدي بحال ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيون آهن. اسان کي تڪليف تي افسوس آهي.” پر هن قومي سطح جي بندش جو اصل سبب ظاهر نه ڪيو. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته ممڪن آهي ته مسئلو ڪراچي جي ڪلفٽن واري سب ميرين ڪيبل جي لينڊنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي سبب پيدا ٿيو هجي. هڪ عملدار چيو: “ڪو سب ميرين ڪيبل جو مسئلو رپورٽ نه ٿيو آهي، تنهنڪري امڪان آهي ته لينڊنگ اسٽيشن ۽ مين حب ۾ فني خرابي آهي. نتيجي طور سڄي ملڪ ۾ بندش ٿي آهي ۽ اپ اسٽريم ٽريفڪ به متاثر آهي.” پي ٽي اي (PTA) پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽيڪنيڪل ٽيمون مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. آءِ ٽي وزير شزا فاطمه وضاحت ڪئي ته خلل جو هڪ سبب بجلي بندش ۽ نيٽورڪ ڪانجيسشن آهي، ڇاڪاڻته ڪراچي ۾ ڪيترائي ٽاور بند ٿي ويا آهن. هن چيو: “مقامي مسئلو اهو آهي ته ڪيترائي ماڻهو ساڳئي هنڌ ڦاٿل هئا ۽ تقريبن سڀئي هڪ ئي وقت ڪال ڪري يا وصول ڪري رهيا هئا. هاڻي پي ٽي سي ايل بند ٿيڻ بعد سڄي ڪنيڪشن ٽيليفوني تي شفٽ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري وڌيڪ دٻاءُ وڌيو آهي.” ڪراچي جا 1.2 ڪروڙ موبائل فون سبسڪرائبر متاثر ٿيا، ڇوته يوفون سروس بند ٿيڻ کان پوءِ بار باقي ٽن ٽيليڪامن تي منتقل ٿي ويو. پي ٽي اي جي هڪ عملدار ٻڌايو ته 12 ڪلاڪ مسلسل جنريٽر هلائڻ ممڪن ناهي ۽ هن وقت ٽاورن کي ڊيزل فراهم ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي (خيبر پختونخوا) ۾ برسات سبب 200 کان وڌيڪ ٽيليڪام سائيٽون (ٽاور) نقصان جو شڪار ٿيا، جن مان گهڻا بحال ڪيا ويا آهن ۽ ٽيمون باقي سائيٽن جي بحاليءَ تي ڪم ڪري رهيون آهن. ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ٽيليفون سروسز بند ٿي ويون ۽ ماڻهو هڪ ٻئي سان رابطو وڃائي ويٺا. گلستان جوهر جي رهواسڻ سحر پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو: “مون کي مڙس جمال جي هڪ ڪال آئي جنهن چيو ته هو گهٽي ۾ ڦاٿل آهي، پر شام کانپوءِ سندس فون ڪنيڪٽ نٿو ٿئي. مان تمام گهڻي پريشان آهيان.”










