اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) حڪومت 27 هين آئيني ترميمي بل سينيٽ مان 64 گهربل ميمبرن جي ووٽن سان منظور ڪرائي ورتو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ جي يو آءِ جي احمد خان حڪومتي بل جي حق ۾ ووٽ ڏنا. چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني رولنگ ڏني ته شق وار بل جي منطوري بعد بل پاس ٿي ويو آهي ۽ مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه آيو. اپوزيشن جي پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو. . قانون واري وفاقي وزير اعظم تارڙ 59 شقن وارو بل پيش ڪيو. ان کان اڳ سينيٽ ۾ اپوزيشن جي سخت گوڙ ۽ هل هنگامي دوران 27 هين آئيني ترميم جي منظوري جو عمل شروع ٿيو. شقوار منظوري دوران گهربل تعداد ۾ 64 ميمبرن ووٽ ڏنو. ان کان اڳ سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ سومر ڏينهن سينيٽ ۾ آئين ۾ 27هين ترميمي بل بابت رپورٽ پيش ڪئي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت ڪميٽين جو گڏيل اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ بحث بعد ڪجهه شقن ۾ ڦير ڦار بعد بل جي منظوري ڏني هئي. جڏهن ته اپوزيشن ان اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو هو. اڄ فاروق ايڇ نائيڪ اها رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي، ان وقت اجلاس جي صدارت چيئرمين يوسف رضا گيلاني ڪري رهيو هو. گيلاني اپوزيشن ميمبرن کي به اجلاس ۾ گهرائڻ لاءِ چيو ۽ ٻڌايو ته نائيڪ هاڻي رپورٽ بابت وضاحت ڪندو. نائيڪ چيو ته گڏيل ڪميٽي ٻه ڏينهن بل تي غور ڪيو ۽ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون. هن ٻڌايو ته بل تحت وفاقي آئيني عدالت (Federal Constitutional Court – FCC) قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا ڪميٽي ڪجهه تبديلي سان متفقه طور تي منظور ڪئي. هن وضاحت ڪئي ته نئين عدالت ۾ سڀني صوبن جي برابر نمائندگي هوندي ۽ ان ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو هڪ نمائندو به شامل هوندو. ٻئي تبديليءَ طور، اڳ بل ۾ لکيل هو ته ڪو جج هاءِ ڪورٽ ۾ ست سال سروس کان پوءِ FCC ۾ مقرر ٿي سگهي ٿو، پر ڪميٽي ان مدت کي گهٽائي پنج سال ڪيو. نائيڪ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي موجوده ججن مان ڪو جج FCC ۾ مقرر ڪيو ويو ته سندس سينيارٽي ساڳي رهندي، پر جيڪڏهن ڪو وڪيل يا هاءِ ڪورٽ جو نئون جج مقرر ٿيو ته سندس سينيارٽي ان ڏينهن کان شروع ٿيندي، جنهن ڏينهن هو حلف کڻندو. جيڪڏهن ڪيترائي جج هڪ ئي ڏينهن حلف کڻندا ته انهن جي سينيارٽي عمر جي لحاظ سان طئي ڪئي ويندي. نائيڪ ٻڌايو ته JCP (Judicial Commission of Pakistan) بابت به تبديليون ڪيون ويون آهن. اڳ اسپيڪر کي اختيار هو ته عورت يا غير مسلم ميمبر مقرر ڪري، هاڻي ڪميٽي ان ۾ ٽيڪنوڪريٽ جو اختيار به شامل ڪيو آهي. اڄ جي اجلاس جي شروعات سينيٽر منظور ڪاڪڙ جي صدارت ۾ شروع ٿيو هو، ڇو ته چيئرمين گيلاني غير حاضر هو. پهرين تقرير PML-N جي آغا شاهزيب دراني ڪئي، جنهن دوران اپوزيشن جي مداخلت جاري رهي. دراني چيو ته اپوزيشن پڇي رهي آهي ته آئيني عدالت جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جو انبار ان ضرورت کي ثابت ڪري ٿو. هن پي ٽي آءِ تي تنقيد به ڪئي ته انهن پنهنجي دور ۾ جمهوريت کي تباهه ڪيو ۽ صدر هائوس کي “آرڊيننس فيڪٽري” بڻايو هو. ان کان پوءِ PPP جي ضمير حسين گهمرو چيو ته اپوزيشن جو اهو چوڻ ته 27هين ترميم “پاڪستان لاءِ 9/11” آهي، غلط آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجو اصل ڪم نه پئي ڪري، پر بنيادي حقن بابت ڪيس ٻڌي رهي آهي، جيڪو هاءِ ڪورٽن جو ڪم آهي. هن چيو ته “سپريم ڪورٽ پارليامينٽ ۽ انتظاميه جي معاملن ۾ مداخلت پئي ڪري، تنهنڪري آئيني عدالت ضروري آهي جيڪا نه رڳو عدليه جي آزادي کي مضبوط ڪندي پر وفاق کي به مضبوط ڪندي.” آرٽيڪل 243 (فوجي قيادت بابت) ۾ تجويز ڪيل تبديليءَ تي ڳالهائيندي گهمرو چيو ته “جيڪو فوجي سربراهه ملڪ لاءِ جنگ کٽي، ان کي گرفتاري يا ڪيسن کان استثنا ملڻ گهرجي. ڇا توهان پنهنجن هيروز کي عدالتن ۾ گهلي وڃڻ چاهيو ٿا؟” هن چيو ته PPP سمجهي ٿي ته 27هين ترميم جمهوريت، آئين ۽ 18هين ترميم جي اڳڀرائي لاءِ سنگ ميل آهي. ان کان پوءِ PTI جي فوزيه ارشد چيو ته سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جو نوٽيفڪيشن اڃا تائين جاري ناهي ٿيو، جيڪو پي ٽي آءِ جي قانون سازيءَ جي حقن جي لتاڙ آهي. هن 27هين ترميم جي مخالفت ڪندي چيو ته “ادارن جا حق کسي رهيا آهن ۽ انهن کي لتاڙيو پيو وڃي.” MQM-P جي امير ولي الدين چشتي چيو ته هنن آرٽيڪل 142 ۽ 140-A ۾ تبديليءَ جو واعدو ڪيو هو، پر هاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته اهي تبديليون شايد 28هين ترميم ۾ شامل ٿين. PML-N سينيٽر خليل طاهر سنڌو چيو ته مئي ۾ ٿيل ڀارت سان تڪرار ۾ پوري قوم ڪاميابي حاصل ڪئي، پر قيادت جنرل سيد آصف منير صاحب ڪئي. هن چيو ته فيلڊ مارشل جو لقب رڳو اعزازي آهي، ڪا زمين ڏيڻ واري ڳالهه ناهي. حڪومت جي نيت آهي ته اهو بل اڄ ئي منظور ڪرايو وڃي. وزير اطلاعات عطاالله تارڙ چيو ته صدر کي عمر ڀر لاءِ استثنا ڏيڻ ۾ ڪو حرج ناهي، ڇو ته اهڙو عمل دنيا جي سڀني ملڪن ۾ آهي. هن چيو ته 27هين ترميم “سٺي حڪمراني، صوبن سان بهتر تعلق ۽ دفاع جي مضبوطي” لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته اهڙيون آئيني عدالتون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن ۽ هي تجويز 2006ع واري چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ به شامل هئي.
آئيني بل جي منظوري لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جي ضرورت آهي
سينيٽ جي ڪل 96 ميمبرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 64 ووٽ گهربل آهن. حڪومتي اتحاد وٽ 65 ووٽ آهن، پر چيئرمين گيلاني ووٽ نٿو ڏئي سگهي ۽ هڪ ميمبر اسپتال ۾ آهي، تنهنڪري نتيجو غير يقيني آهي. بل جي سينيٽ کان منظوريءَ بعد اهو قومي اسيمبليءَ ۾ به ووٽ لاءِ پيش ڪيو ويندو، جتي حڪومتي اتحاد وٽ ٻه ٽين اڪثريت موجود آهي.
وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم لاءِ استثنا واري تجويز رد ڪري ڇڏي
شهباز شريف چيو ته وزيراعظم کي مڪمل طور تي عوام ۽ عدالت آڏو جوابده رهڻ گهرجي ان ڪري ان کي استثنا جي ضرورت ناهي. هن گڏيل پارلياماني ڪميٽي پاران بل جي منظوري تي اتحادي پارٽين ۽ صدر آصف علي زرداري جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته سڀني گڏجي وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ صوبائي هم آهنگي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو سينيٽ جي سيٽ تان استعيفا ڏ.ي ڇڏي آهي. پي پي کيس پنهنجي ٽڪيٽ تي ٻيهر چونڊرائڻ جو آسرو ڏنو آهي.
ايران ۽ آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي، خامنائي پاران فوج کي تيار رهڻ جو حڪم
شاهراهه ڀٽو کي محفوظ ۽ ماڊل روڊ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن
جهنگلي پکين جي غير قانوني شڪار تي پابندي لاڳو
گورنر راج ۽ ايمرجنسي نه لڳايون ها ته ڪي پي کي نقصان پهچي ها
حيدرآباد جي روڊ بابت ميڊيا جو ڪردار اهم آهي: مراد شاهه
ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ سريلنڪا کي پاڪستان جي شڪست
قومي تاريخ جي ناڪامين ۾ اسان سڀني جو حصو آهي: خواجه آصف
حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم
28هين ترميم بهتري لاءِ ٿئي ته پ پ انهي جي حمايت ڪندي
بدين، زمين تڪرار تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ، 1 قتل
سنگاپور سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري جو شڪ اتر ڪوريا تي ڇو آهي؟
”را“ سان لاڳاپا ۽ رياست مخالف سازش جا الزام رد، جوابدار جي سزا ختم
جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي
نصيرآباد: ٻن هارين کي اغوا ڪيو ويو
اسٽاڪ ايڪسچينج،ڪاروباري هفتي دوران مثبت لاڙو
ڪراچي:موٽرسائيڪل لفٽر سميت 3 جوابدار گرفتار
ايف بي آر آڪٽوبر جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ايڊز متاثر ٻارن جي انگ ۾ واڌ، 3900 مريضن سان سنڌ اڳتي
ڪراچي واسي ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور










