سينيٽ اجلاس مامرو، پ پ سينيٽرن جون صحيحون شڪي قرار

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سينيٽ سيڪريٽريٽ پيپلز پارٽي طرفان ايوان جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ جمع ڪرايل ريڪوزيشن ۾ ڪجهه صحيحن کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شهادت اعواڻ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 27 ميمبرن جي صحيح سان گڏ ريڪوزيشن جمع ڪرائي وئي. شهادت اعواڻ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر دنيش، عطاءُالرحمان ۽ شفيق ترين پنهنجون صحيحون شامل نه ڪرڻ جو چيو جڏهن ته رضا رباني، پلوشه خانه، روبينه خالد، شميم آفريدي، محمد اڪرم جي صحيح ميچ نٿي ڪري.سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس گهرائڻ جي لاءِ جمع ڪرايل ريڪوزيشن قائدن تي پوري نٿي لهي.

پهنجو تبصرو موڪليو