سياسي و معاشي بگاڙ اخلافي بگاڙ ۾ تبديل ٿيو: قادري

سياسي و معاشي بگاڙ اخلافي بگاڙ ۾ تبديل ٿيو: قادري

لاهور (ويب ڊيسڪ)شيخ الاسلام ڊاڪٽر محمد طاهر القادري چيو آهي ته معاشي ۽ معاشي بحران جا انساني روين تي انتهائي منفي اثر پئجي رهيا آهن، سياسي ۽ معاشي بگاڙ اخلاقي بگاڙ ۾ تبديل ٿي ويو آهي.لاهور جي گريٽر اقبال پارڪ ۾ منہاج القرآن جي زير اهتمام عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي موقعي تي 40هين عالمي ميلاد ڪانفرنس منعقد ٿي. ان موقعي تي شيخ الاسلام ڊاڪٽر محمد طاهر القادري وڊيو لنڪ ذريعي ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. پنهنجي خطاب دوران طاهر القادري چيو ته عدم برداشت ۽ تنگ نظري سماج کي بند گهٽي ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، سٺي اخلاق سان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي آهي. هن چيو ته امت محمديه جو هر فرد دعويدار آهي، فرد جي اصلاح سماج جي اصلاح آهي. ڊاڪٽر علامه طاهر القادري وڌيڪ فرمائي ٿو ته منهنجي باقي زندگي اخلاق محمدي جي ترويج ۽ احياءَ لاءِ آهي.هن نوجوان نسل کي نصيحت ڪندي چيو ته نوجوان پنهنجا اخلاق بهتر ڪن ۽ برائي کان پاسو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو