سويڊن واقعو، امت مسلمه جا مذهبي ۽ روحاني جذبا مجروح ٿيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سويڊن واقعي تي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو رد عمل ۾ چيو آهي ته سويڊن واقعي سڄي دنيا جي مسلمانن کي دل آزاري ۽ توهين ٿي آهي امت مسلمه جا مذهبي ۽ روحاني جذبا مجروح ٿيا آهن، سخت مذمت ڪيون ٿا،اهو واقعو تڪرار، افراتفري ۽ عالمي امن جي ڪوششن کي سبوتاز ڪرڻ جي منصوبي جو حصو لڳي ٿو،’اهڙي بزدلاڻي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا، مذهبي تقدس جي توهين ناقابل برداشت آهي،عالمي برادري کي خبردار ڪريون ٿا ته امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙ عنصرن کي منظرعام تي آندو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو