ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن سومر تائين مسئلو حل نه ٿيو ته جناح اسپتال جو سربراهه مقرر ڪري توهين عدالت ڪندس،مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته جناح اسپتال وڏي اسپتال آهي جنهن ۾ سربراهه ناهي،عدالت سربراهه کي هٽائي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ هو ته هو ڊيپوٽيشن تي آيل هو،هن چيو ته ڪيس ڏيڍ کان ٻن مهينن کان عدالت ۾ هلي رهيو آهي، سومر تائين مسئلو حل نه ٿيو ته پاڻ فيصلو ڪندس،وڏي وزير چيو ته معاملو حل نه ٿيو ته توهين عدالت ڪندس،جناح اسپتال جو سربراهه مقرر ڪري پاڻ توهين عدالت ڪندوس،هن وڌيڪ چيو ته مون کي ٻيهر موڪليل سمري ۾ 3 نالا ڊيپوٽيشن تي آهن، جناح اسپتال ۾ 19 گريڊ کان مٿي جو آفيسر ناهي.










