سوات ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ، ليويز اهلڪار شهيد

سوات ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ، ليويز اهلڪار شهيد

سوات (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواه جي سوات ضلعي ۾، ڊيوٽي تي مقرر هڪ ليويز اهلڪار عبدالڪبير شهيد ٿي ويو، تفصيل موجب سوات جي مٽا تحصيل جي هڪ ڏورانهين علائقي بياکان جي انار تنگي ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، ڊي پي او سوات محمد عمر چيو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليو ڊيوٽي تي مقرر هڪ ليويز اهلڪار عبدالڪبير شهيد ٿي ويو. لاش کي مٽه اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊي پي او چيو ته پوليو ٽيم ۾ عورتون به شامل هيون جيڪي فائرنگ جي واقعي ۾ محفوظ رهيون. وڏي انگ ۾ پوليس ٽيمون موقعي تي پهچي ويون آهن جڏهن ته علائقي ۾ شدت پسندن خلاف سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو