سهيل ناصر کي نيب جو ڊپٽي چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا سهيل ناصر کي ڊپٽي چيئرمين نيب بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 3 آڪٽوبر واري فيصلي جي توثيق ڪئي وئي.ذريعن موجب ڪابينا سهيل ناصر کي ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ احتشام قادر کي پراسيڪيوٽر جنرل نيب بڻائڻ جي منظوري ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ مالياتي صلاحڪار جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي.ان کان علاوه ڪابينا 2 جوابدارن جي حوالگي بابت گهرو وزارت جي سمري جي به منظوري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو