سنگهڙن ۾ ٺاهه لاءِ سول سوسائٽي ۽ چڱن مڙسن جي منٿ ميڙ

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) ڳوٺ پيرل سنگهڙ ۾ پاڻيءَ جي واري تان ٿيل جهيڙي ۾ حافظ غلام حيدر سنگهڙ جو پٽ جميل احمد سنگهڙ ۽ امير بخش سنگهڙ جو ڀائٽيو منظور احمد سنگهڙ قتل ٿي ويا ، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان قتل ڪيس داخل ڪرايو آهي، جڏهن ته منظور سنگهڙ جي وارثن حاجي اياز علي سنگهڙ، قدرت الله سنگهڙ، ديدار حسين ،قربان علي ،شوڪت علي سنگهڙ ۽ ٻين ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جي 12 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ، پوليس ستن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي ،مگر حافظ غلام حيدر واري  ڌر اختر علي ،منير احمد،عقيل احمد ،شڪيل احمد ،قادر بخش عرف بابو ،الهڏوايو ،محمد ايوب ،خالد حسين ،علي نواز ،عبدالحميد ۽ شبير احمد ولد مير محمد   مٿان 11 ڄڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهي ،جڏهن ته حافظ غلام حيدر سنگهڙ جي ڌر جو هڪ به ماڻهو پوليس گرفتار نه ڪيو آهي. اسان وس وارن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ڊي آءِ جي سکر کان پر زور مطالبو ڪريون ٿا  ته  ٻي ڌر خلاف به ڪاروائي ڪئي وڄي. هوڏانهن ٻنهي ڌرين ۾  ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ مختلف قومن جا سردار ،سول سوسائٽي جي نمائندن طرفان منٿ ميڙ جا قافلا ڌرين وٽ پهتا آهن ، ٻنهي ڌرين کي قدم نه کڻڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو