سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، مفت بجلي لاءِ قدم کڻون پيا

حيدرآباد (ن س) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت 21 لک گهرن جي اڏاوت جو ارادو ڪيو، گهرن جي اڏاوت لاءِ فنڊنگ جو انتظام ٿي ويو آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي ڀرپور ڪاميابي ڏياري، پيپلز پارٽي جي ڪاميابي سبب آصف زرداري ٻيهر صدر بڻيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هاڻي حڪومت کي تجويزون ڪارڪن ڏيندا. هن چيو ته پ پ چيئرمين اليڪشن دوران 10 نقاطي ايجنڊا ڏني هئي، بلاول ڀٽو زرداري جي 10 نقاطي ايجنڊا پوري ملڪ جي لاءِ هئي، سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پيئڻ جو صاف پاڻي سنڌ جي هر ڳوٺ، پاڙي ۽ ماڻهو تائين پهچائڻو آهي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سدائين عوام جي خدمت ڪئي آهي، ڪراچي ۾ صحت جي سهولتن ۾ بهتري آئي آهي، جلد هاري ڪارڊ جاري ڪيو ويندو، سنڌ جي عوام کي مفت بجلي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ٿر جو ڪوئلو ايڪسپورٽ ڪيو ويندو، اڪنامڪ زونز جي پراجيڪٽس تي به ڪم ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو