سنڌ ۾ وڌيڪ گرمي جي اڳڪٿي، پارو 47 تائين وڃڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي سنڌ ۾ موسم گرم ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان وچ ۽ مٿانهين سنڌ ۾ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اڄ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ٺٽي ۽ بدين ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جنهن دوران شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. ڏينهن جي وقت اتر اولهه کان گرم هوائون هلي سگهن ٿيون جڏهن ته شام جو سامونڊي هوائون ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو