اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو مرحلو سڀاڻي ٿيندو، جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ 3 ڏينهن لاءِ مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب سينيئر آفيسر اسلام آباد ۾ سينٽرل ڪنٽرول روم مان چونڊ عمل جي نگراني ڪندا، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري ۽ اسپيشل سيڪريٽري ڪراچي ۾ چونڊ عمل جي نگراني ڪندا.ترجمان موجب سينٽرل ڪنٽرول روم جو ڪم اڄ کان شروع ٿي ويو آهي، چونڊن جا نتيجا اچڻ تائين ڪم بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو.ٻئي طرف ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ پولنگ مواد جي ترسيل شروع ڪئي وئي آهي. خاتون پاڪستان ڪاليج ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ ڊسٽري بيوشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن ۽ چونڊ سامان به پهچايو ويو آهي.










