ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عالمي بئنڪ پنھنجي تازي رپورٽ Striving for Clean Air ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو آھي تہ سنڌ جي فضائي آلودگي ۾ لاڳيتو واڌ اچي پئي ۽ 2030 تائين 51,461 انساني جانيون ضائع ٿيڻ جو خدشو آھي۔ جيڪڏھن جوڳا اپاءُ نہ ورتا ويا تہ سنڌ ۾ فضائي آلودگي جا جزا PM2.5 جي سطح ڪراچي ۾ 76 ۽ باقي سنڌ ۾ 45 مائيڪرو گرام تي پھچي ويندي. صحت جي عالمي اداري WHO موجب انساني حياتي ۽ ماحول لاءِ فضا ۾ آلودگي جا جزا PM2.5 ساليانو 5 کان مٿي نہ ھجڻ گھرجن. مطلب تہ فضا جي ھڪ ڪيوبڪ فٽ ۾ فضائي آلودگي جا جزا 5 مائيڪرو گرام کان مٿي نہ ھجن۔ رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تہ جيتوڻيڪ سڄي دنيا ۾ وڏيون صنعتون، بجلي گھر۽ گاڏيون فضائي آلودگي ۾ واڌ جو سبب بڻجنديون آھن پر ڏکڻ ايشيا ۾ رڌپچاءُ لاءِ ڪاٺين ۽ ڪوئلي جي استعمال، ننڍين صنعتن جھڙوڪ سِرن جا بٺا وغيرھ، شھري ۽ زرعي گند ڪچري کي ساڙڻ ۽ مڙھ سوزي سبب فضائي آلودگي ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ اچي رھي آھي۔ ڪراچي کانسواءِ باقي سنڌ ۾ 45 سيڪڙو گھراڻا، گھريلو آلودگي جو سبب ٿي سگھن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ 13122 انساني جانيون ضائع ٿي سگھن ٿيون. (رپورٽ محسن ٻٻر)
