سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار آءِ جي سنڌ کان عيدالاضحيٰ جي سڪيورٽي پلان بابت پڇاڻو ڪيو.ضياءَ لنجار چيو آهي ته سمورن رجسٽرڊ فلاحي ۽ سماجي ادارن ۽ ٻين کي ضابطه اخلاق جو پابند بڻايو وڃي ۽ قرباني جي جلدن کي گڏ ڪرڻ ۽ منتقل ڪرڻ جي اجازتن جي جاچ ڪئي وڃي.صوبائي گهرو وزير چيو آهي ته سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کان مانيٽرنگ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، زونل ضلعي ڪنٽرول رومز ۽ پوليس اسٽيشنز جي وائرليس ڪنٽرول رومز کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.هنن چيو ته مسجدن، عيدگاهن ۽ امام بارگاهن جي لسٽن جو جائزو ورتو وڃي، سادگي وارن اهلڪارن تي مشتمل مانيٽرنگ ٽيمون به ٺاهيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو