ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن ۾ واڌ، قريشي پاران ڪيلائي اختيار

ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن ۾ واڌ، قريشي پاران ڪيلائي اختيار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ متاثرن جو هن مهل تائين انگ 244 ٿي ويو آهي. صدر عارف علوي سان گڏ چين جو دورو ڪندڙ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڻ کي 5 ڏينهن تنهائي ۾ رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته منهنجي ٽيسٽ جو نتيجو اربع تائين شام جو ايندو پر جيڪڏهن اهو منفي به آيو ته به خود ساخته اڪيلائي اختيار ڪندس. سڀ کان وڌيڪ ڪيس سنڌ ۾ آهن ٻئي نمبر تي پنجاب ۽ ٽئين نمبرتي بلوچستان آهي. سنڌ حڪومت هوٽلن ۽ شاپنگ مالز تي بندش وجهي ڇڏي آهي. ماڻهو گهرن ۾ ڇاڌو گهرائي سگهندا. سستي بازارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته تفتان ۾ لاپرواهي ڪئي وئي جتان ڇڏيل ماڻهو سکر پهچڻ تي ڪورونا ۾ مبتلا ڪيئن ٿيا. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف الزام هنيو آهي ته زائرين کي ذلفي بخاري تفتان مان زائرين کي روانو ڪيو. ذلفي بخاري الزام رد ڪندي چيو آهي ته فيصلو فوج ۽ بلوچستان حڪومت فيصلو ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسز ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي ۽ 22 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي شڪار ماڻهن جو انگ 172 ٿي ويو آهي. ايران کا سکر پهچندڙ 134 ماڻهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 37ڪراچي ۽ هڪ حيدرآباد ۾ آهن. سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ان جي تصديق ڪئي آهي.

پنجاب ۾ 8 ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته ميو اسپتال ۾ فوت ٿيندڙ عمران علي بابت پنجاب جي وڏي وزي عثمان بوزدار ڪيل ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هو وائرس سبب فوت ناهي ٿيو. پاڪستان ۾ هن مهل تائين ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙن جو انگ 212 ٿي ويو آهي.

دنيا م تازا ترين اپ ڊيٽ موجب ڪورونا وائرس ۾ ورتل ماڻهن جو انگ هڪ لک 82 هزار ٿي ويو آهي. 7154 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. دنيا جي 157 ملڪن ۾ وائرس ڦهلجي چڪو آهي. ايران ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن هن مهل تائين مرندڙن جو انگ 988 ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو