ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پنهنجي الوداعي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته مون سميت منهنجي ڪابينا ۽ پارٽي جا سمورا ايم پي اي عزت ۽ احترام سان عوام وٽ واپس وڃي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته اسان ڏکئي وقت انهن سان گڏ بيٺل هئاسين ۽ پنهنجي وس آهر بهترين خدمت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، ڪوآرڊينيٽرن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2018ع ۾ سندس حڪومتي دور جي شروعات ۾ وفاقي حڪومت (پي ٽي آءِ) سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي رهنمائيءَ ۾ عوام جي مسلسل خدمت جاري رکي. مراد شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس دوران بدترين سازشون ڪيون ۽ عوام ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جي پيدا ڪيو. ۽ وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ عوام کي بچائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبو ڪروناوائرس جي نقصانن مان اڃا ٻاهر نڪتو ئي هو ته 2022 جي ٻوڏ لڳ ڀڳ سڄي صوبي کي متاثر ڪيو. هن چيو ته سندس ٻوڏ جي پاڻي کي ڏسڻ کانپوءِ انکي ڪڍڻ جي اميد ختم ٿي وئي هئي پر ڪابينا ميمبرن، پارٽي ڪارڪنن ۽ قيادت ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ آخرڪار ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ۽ ڪڻڪ جو فصل پوکي وئي. مراد شاهه چيو ته اسان ضرورت کان وڌيڪ رڪارڊ ڪڻڪ جي فصل پوکي آهي ۽ هاڻ ڪپهه جو رڪارڊ فصل لهي رهيو آهي. هن چيو ته اسان سڀ پارٽي قيادت، وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، ڪوآرڊينيٽر، ايم پي ايز ۽ پارٽي ورڪر ٻوڏ متاثرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا رهياسين ۽ ٻوڏ سٽيلن جي تباهه ٿيل گهرن جي بحاليءَ سان گڏ سندن زمينن جو مالڪ پڻ بڻائي رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته اسان عزت، وقار ۽ سڪون سان پنهنجي عوام ڏانهن واپس وڃي رهيا آهيون جو اسان عوام جي خدمت ڪئي آهي. وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن، موجوده چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه جو سهڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هن سيڪريٽريز، صوبائي سرڪاري ادارن جي اڳواڻن، وزيراعليٰ هائوس جي عملي ۽ سندس ماتحت ڪم ڪندڙ سمورن ماڻهن جو به شڪريو ادا ڪيو. صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سنڌ جي وڏي وزير جي ڪارڪردگي، سنڌ جي عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ سندس موقف ۽ پي ٽي آئي جي وفاقي حڪومت هٿان نيب ۽ ٻين ادارن پاران هراسان ڪرڻ تي سندس سپورٽ کي ساراهيو. ڪابينا جي هر ميمبر وڏي وزير کي سندس خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ڪابينا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ڀرتي واري عمل ۽ ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان شروع ڪيل ترقي يافته منصوبن ۾ ضروري ڀرتين کانسواءِ سمورين ڀرتين تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ گروپ فوٽو پڻ ورتو….سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سيد قائم علي شاهه کانپوءِ خطاب ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، ڪوشش ڪندس سندس خيالن کي اڳتي کڻي هلان. هن چيو ته آئون الله تعاليٰ جو ٿورائتو آهيان جو هن اسيمبلي جا پنج سال پورا ٿيا. پنج سال پورا ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ تي معافي گهران ٿو. وڏي وزير چيو ته آئون سندس والدين جي تربيت ۽ خاندان جي سپورٽ سبب اڄ هتي پهتو آهيان. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جو شڪر گذار آهيان جن جو هر قدم تي ساٿ ڏنو هن چيو ته. 2005ع ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو منهنجي والد صاحب کي چيو ته ڪنهن به ٻار کي اليڪشن وڙهايو ۽ 2002ع کان وٺي آئون چار ڀيرا چونڊجي آيو آهيان. هن چيو ته اهي پنج سال ايترا سولا نه هئا، پنج سال ڏاڍا ڏکيا گذرا، مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اسمبلي جو بزنس ڪيئن هلائجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو گورنر کي اڄ سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ جو لکندو. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنجن سالن ۾ رڪارڊ قانون سازي ۽ ڪم ٿيا آهن، اپوزيشن کي اعتراض هوندو پر جڏهن ته حڪومتي ميمبر اڪثريت ۾ هجن ته ٿيڻ اهو گهرجي ته حڪومتي پاليسي اڳتي وڌي. هن چيو ته پنجن سالن ۾ هن اسيمبلي ۽ حڪومت کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو، جنهن جو وڏو مثال پاڻ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آهي جيڪو اڄ به اسيمبلي هلائڻ لاءِ جيل مان اچي ٿو. هن چيو ته ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن جن تي وڏا ڪيس ۽ ريفرنس آهن. هن چيو ته صوبي کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ اسان جي بيوروڪريسي کي تنگ ڪيو ويو، پر ٿيو ائين ته وفاق ۽ ٻيا ٽي صوبا ته غير مستحڪم ٿيا پر سنڌ اسيمبليءَ ۾ استحڪام وڌيو.هن چيو ته ڪنهن وقت چوٻول هليو ته وڏي وزير کي اڄ نه ته سڀاڻ گرفتار ڪيو ويندو. جنهن تي اسان جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن وڏو وزير جيل ۾ هوندو ته ڇا ٿي پيو؟ اسان جو وڏو وزير اتان ئي حڪومت هلائيندو ۽ اهوئي ڪارڻ آهي جو اسان انهن ماڻهن کي شڪست ڏني. هن اسان جي حڪومت تي وڏا امتحان آيا، تازو ئي سڌ سماءَ بابت وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته زندگي آهي ته سڀ آهي جنهن لاءِ مان ڪيترائي ڀيرا چوندو رهيو آهيا. پر ان جي ابتڙ ٻين چيو ته ڀاءُ، دنيا آهي ته زندگي آهي ماڻهو پيا مرن ڪا ڳالهه ناهي، ڪو فرق نٿو پوي. سندن خيال هو ته معيشت کي هلڻ گهرجي ۽ اهوئي ڪارڻ هو ته منهنجي انهن سان جنگ هئي ته ڪورونا سبب سمورا ڪاروبار بند، دڪان بند ۽ ٽرانسپورٽ بند ڪيا ويا، جڏهن ته ان کان اڳ اهي منهنجي ڳالهه نه ٻڌي رهيا هئا پر ڪجهه دوستن مدد ڪئي جنهن کانپوءِ پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪورونا ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري. سنڌ حڪومت ڪرونا دوران مريضن لاءِ رڪارڊ وقت (اڍائي مهيني) ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال قائم ڪيا. هن چيو ته ڪورونا کان بچياسين ته 2020 جي ٻوڏ آئي ۽ اسان جو ليفٽ بينڪ ڪينال تباهه ٿيو. ان وقت جي وزيراعظم علائقن جو دورو به نه ڪيو رڳو ڪراچي آيو ۽ هليو ويو. هن چيو ته 2022 جي ٻوڏ سڄي سنڌ کي متاثر ڪيو، 13 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 2.1 ملين گهر تباهه ٿيا. 3.8 ايڪڙن کان وڌيڪ فصل تباهه ٿي ۽ 20 هزار کان وڌيڪ اسڪول تباهه ٿيا. اهڙي صورتحال هئي جو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هن آفت مان ڪيئن نڪرجي. ان کانپوءِ چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجا سمورا دورا منسوخ ڪري سنڌ جو دورو ڪيو ۽ صدر آصف علي زرداري مون سميت هر ايم پي اي کان پڇندو رهيو ته سڀئي فيلڊ ۾ موجود آهن. اسان سڀني گڏجي هن آفت کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، ڪارڪنن ۽ انتظاميه ٻوڏ متاثرن تائين پهچي کين مدد ڪئي. 2022ع ۾ 7 ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون ۽ برسات به اهڙي جيڪا بيهڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. الله تعاليٰ جي مدد سان 90 سيڪڙو علائقن مان وقت تي پاڻي ڪڍيو ويو ۽ ڪڻڪ جو رڪارڊ فصل ٿيو. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ، ايشيائي بئنڪ ۽ اسلامي بئنڪ سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز ۽ ڀائيوارن اسان جي مدد ڪئي، موجوده وفاقي حڪومت گهڻي مدد ڪئي جڏهن ته وزيراعظم روز چوندو رهيو ته هن کي سنڌ جو دورو ڪرڻو آهي، جنهن کانپوءِ هن 7 کان 8 دورا ڪيا. صدر آصف علي زرداري پاران ڏنل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت گهر گهر وڃي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي. تعليم کاتي جي هڪ اسڪيم لاءِ وفاق کان 12 لک رپيا منظور ڪرايا ويا جنهن ۾ سنڌ حڪومت جو به حصو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو دوري دوران مون کي چيو ته مراد علي شاهه! کليل آسمان هيٺ خيمن ۾ ويٺل ماڻهن مونکي چيو آهي ته گهر ٺهرائي ڏنو. ڇا به ڪيو .
