طفیل مگسي
ڪيترن ئي ڏينهن کان خريد ڪيل تعصب سان سرشار اردو اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ انهن جا ڪرائي تي ورتل اينڪرز پنهنجن ضميرن جو سودو ڪندي مال ڪمائڻ جي چڪر ۾ ۽ ڪجھ سوشل ميڊيا تي پنهنجن آقائن کي ڏيکارڻ ۽ خوش ڪرڻ جي لاء ۽ ڪي اجنسين جون پچ لٽڪائو سياسي پارٽيون جن جي پنهنجي ڪا اوقات به ناهي۔اهي سدائين کان اسٽيبلشمنٽ جي اشارن تي سنڌ جي پنجن هزارن سالن جي تاريخ کي رد ڪرڻ ۽ سنڌ جي ڪرنهي واري شهر جي حيثيت رکندڙ ڪراچي جي وسيلن ۽ شهر تي ڏاڍ مڙسي سان قبضي ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ ڏينهن رات ان ريت مصروف آهن ته رات جو خوابن ۾ به ڪراچي کي الڳ ڏسڻ لڳا آهن ۽ بنا ڪنهن تاریخي مطالعي جي سنڌ جي ڪرنگهي واري حيثيت رکندڙ شهر کي پنهنجي پيء ڏاڏي جي ملڪيت سان گڏوگڏ اها به ڄاڙي هڻندي ٿڪجن ئي نٿا ته ڪراچي کي هنن معتبرن اچي ٺاهيو هو۔جن وٽ رهڻ جي لاء نه گهر۔نه کائڻ جي لا۽ ماني ۽ نه پهرڻ جي لاء ڪو جسم تي صحيح سلامت ڪپڙو هو۔هنن کان اڳ ڄڻ ته سنڌ جو ڪو نالو ونشان نه هو۔انهن ڪند ذيت ۽ نسل پرستي جي پوڄارين کي ياد رکڻ گهرجي ته انهن ته 1946ء کان هجرت ڪئي هئي۔پوء کين ڪهڙي خبر ته اڳ ڪراچي جي ڪا حيثيت نه هئي ۽ اسان هجرت کانپوء ڪراچي کي زنده رکيو۔اهڙن تعصب پرستن کي شرم اچڻ گهرجي ته اهي سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ کي ائين بدلائي چڏين ٿا ته انهن بيوقوفن کي شايد خبر ناهي ته ڪراچي سنڌ جي تاريخ۔تهذيب ۽ سڃاڻپ جو اهم حصو رهيو آهي يعني ڪراچي تاريخي طور تي صدين کان سنڌ جو سامونڊي شهر رهيو آهي ۽ مختلف دورن ۾ سنڌجي واپار۔ثقافت ۽ معشيت جو مرڪز بڻجدو رهيو آهي۔مورخن جي مطابق ڪراچي جي جغرافيائي ۽ تاريخي حيثيت کي سنڌ کان الڳ نٿو ڪري سگهجي۔ چاڪاڻ ته اهو شهر سنڌ جي سرزمين تي آباد ٿيو ۽ سنڌ جي پراڻي تهذيب۔ثقافت ۽ روايتن جو امين رهيو آهي ۽ اهو شهر ان وقت به آباد هو۔جڏهن اوهان جا الائي نسل به پيدا ٿيل هئا۔
ڪراچي سنڌ جي تاريخ۔تهذيب ۽ سڃاڻپ جو هڪ اهم حصو آهي۔تاريخي طور تي ڪراچي صدين کان سنڌ جو سامونڊي شهر رهيو آهي ۽ مختلف دورن ۾ سنڌ جي واپار۔ثقافت ۽ معشيت جو مرڪز رهيو آهي۔مورخن جي مطابق ڪراچي جي جغرافيائي ۽ تاريخي حيثيت سنڌ کان الڳ نٿي ڪري سگهجي۔
برطانوي دور کان اڳ به ڪراچي سنڌ جي حڪمرانن ۽ مقامي آبادي جي اثر هيٺ اهم بندرگاهي علائقو هو ۽ اڄ به ڪراچي نه صرف سنڌ جي گادي جو هنڌ رهيو آهي بلڪ۔هن کي سنڌ جي معاشي ڪرنگهي جي حيثيت ۽ تاريخي ورثي جو اهم مرڪز سمجهيو وڃي ٿو۔
هڪ سخت حقيقت اها آهي ته سنڌ صدين کان ٻاهرين طاقتن جي چڪتاڻ جو ميدان بڻيو رهيو۔هر اچڻ وارو ڦورو ۽ لٽيرو پاڻ سان گڏ هڪ نئون جهنڊوئئون عقيدو ۽ نئين حڪمراني وٺي آيو۔مگر سنڌ جي عام هندو جي حصي ۾ محرومي۔محڪومي ۽ استحصال ئي آيو۔فاتحن پنهنجي اقتدار کي تهذيب۔مذهب ۽ چوٽڪاري جي نالي تي جائز قرار ڏنو۔ليڪن تاريخ جو ٻيو رخ اهو به ٻڌائي ٿو ته طاقت اڪثر پنهنجي لاء اخلاقي سبب گهڙي وٺندا آهن۔
هتي اهو سوال اٿارڻ ڪو۔ڏوھ ناهي ته سنڌ جي پراڻي سماجي ۽ ثقافتي ڍانچي تي انهن فتحن۔جا ڪهڙا اثر مرتب ٿيا۔ڪيتريون ٻوليون خاموش ٿيون۔نيتريون روايتون مٽجي ويون۔عقيدا پسمنظر ۾ ڌڪيا ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ئي سرزمين تي اجنبي بڻايا ويا۔تاريخ جو سنجيده مطالعو انهن ىسوالن کي دٻائڻ جي بجاء انهن جو سامهون۔ڪري ٿو۔
باوجود انهيء جي انصاف جي اها به گهرج آهي ته ظلم جي پاڙ اڪڦر طاقت ۽ اقتدار ۾ هوندي آهي نه ته صرف عقيدي ۾۔قبضو ڪندڙحڪمران بدلبا رهيا پر استحصال جا طريقا اڪثر هڪجهڙا رهيا۔
سنڌ ڪنهن هڪ فاتح هڪ مذهب يا هڪ عقيدي جي جاگير ناهي۔سنڌ هندن جو گڏيل ورثو آهي۔جن هن ڌرتي تي زندگي گهاري۔هن جي مٽيء ۾ پنهنجا خواب اڻيا ۽ پنهنجي تهذيب و ثقافت کي زنده رکيائون۔جيڪڏهن اڄ سنڌ جي مستقبل جي ڳالھ ڪرڻي آهي ته ضروري آهي ته تاريخ کي عقيدت جي بجاء تنقيد ۽ نفرت جي بجاء شعور جي نگاه سان پڙهيو وڃي ۽ سنڌ جي آئين کي ان جي اصل ۽ نسلي رهواسين يعني هندن کي واپس موٽائي ڏيون۔جتي انهن جي حڪمراني واري دور ۾ انسان ته ڏور جي ڳالھ آهي پر جانورن جو شڪار ڪرڻ ۽ وڻن۔کي وڍڻ هڪ سنگين ڏوھ سمجهيو ويندو هو۔جن جون سخت سزائون مقرر هونديون هيون۔سنڌ کي اڄ انهن جي سخت ضرورت رهي آهي۔جيڪي 78سالن کان سنڌ کي پنهنجو نه ڪري سگهيا آهن۔انهن کي واپس يوپي۔سي۔لکنو۔ موڪليو وڃي ونهنجي ابن ڏاڏن جي سرزمين تي ته يقينن هي پرڳڻو هڪ ڀيرو وري امن۔سنون ۽ شانتي جو گهوارو بڻجي ويندو۔جيئن اشوڪ جي دور ۾ سنڌ هئي۔اسان ايتا ؤه بيوقوف ناهيون ته هن وقت جهڙي ريت سنڌ جي اندر ڄاڻي واڻي ڪرائيدارن جي هٿان۔جيڪو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي اهو سنڌ جي قبضي ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن جو ڏس آهي ۽ طاقتور قوتون چاهين ٿيون ته سنڌ جي شهر ڪراچي سان گڏوگڏ ٺٽو جي سامونڊي پٽيء تائين انهيء تي قبضو ڪري امريڪا جي حوالي ڪيو وڃي۔ليڪن هڪ ڳالھ کين کي به ڄاڻڻ گهرجي ته سنڌ سنڌي ماڻهن جي صرف ڌرتي ناهي بلڪ سنڌ هڪ وطن آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن جي لاء سڀ ڪجھ قربان ته ڪري سگهن ٿا۔مگر ڪنهن به لچ لوفر کي پنهنجي ڌرتي تي قبضي ڪرڻ جي هرگز اجازت نٿا ڏئي سگهن۔هونئن به هي دور بيٺڪيتن جو دور ناهي رهيو بلڪ ماضيء جون بيڻڪيون بڻيل هن وقت ملڪن جي صورتحال اختيار ڪري رهيون آهن۔شرم جي ڳالھ آهي ته هاڻي سنڌ کي ورهائڻ جي لاء ملان مولان کي به استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ گڏوگڏ انهن دشمنن هٿرادو طالبان به پيدا ڪيا آهن۔جيڪي پنهنجي ئي پيداوا اٿن مطلب ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان پنهنجي قبضي ڪرڻ جو رستو صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا۔جيڪڏهن مقتدره قوتون پنهنجين انهن چالبازين کان باز نٿيون اچن ته پو۽ ڌرتي جي وارثن کي اهو حق آهي ته جهڙي ريت سنڌ پاڪستان ۾ قرارداد جي تحت شامل ٿي هئي انهيء قرارداد جي تحت سنڌ هڪ الڳ وطن به ٿي سگهي ٿو!










