سنڌ پوليس انساني حق جي ڀڃڪڙين ۾ سڀني کان اڳتي آهي، رپورٽ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 5 مهينن دوران انساني حقن جون 1271 ڀڃڪڙيون ٿيون.سنڌ جي انساني حقن واري کاتي گذريل 5 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب صوبي ۾ سڀني کان وڌيڪ 786 شڪايتون پوليس جي خلاف رپورٽ ٿيون.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روينيو کاتو، تعليم ۽ پورهيت واري کاتي خلاف وڌيڪ شڪايتون داخل ڪيون ويون، سنڌ ۾ زيادتي جا 43 ۽ آپگهات جا 94 ڪيس رپورٽ ٿيا.ان کان علاوه سنڌ صوبي ۾ اغوا جا 157 ۽ قتل جا 373 ڪيس رپورٽ ٿيا. انساني حقن واري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو آهي ته پوليس جي خلاف شڪايت تي آءِ جي سنڌ کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو